24 ڪلاڪ گئس نٿا ڏئي سگهون: مصدق ملڪ

24 ڪلاڪ گئس نٿا ڏئي سگهون: مصدق ملڪ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) توانائي بابت مملڪتي وزير مصدق ملڪ چيو آهي ته ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، جنهن سبب 24 ڪلاڪ گئس فراهم نٿا ڪري سگهون.ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مصدق ملڪ چيو ته ڪراچي ۾ سحري ۽ افطاري وقت گئس فراهمي ۾ ڪوتاهي سامهون آئي آهي، ڪراچي ۾ گئس فراهمي جو مسئلو حل ڪرڻ آيا آهيون، سنڌ جو گورنر ماڻهن کي گئس جا بل جمع ڪرائڻ کان نه روڪي.هن چيو ته ملڪ ۾ گئس جا ذخيرا گهٽجي ويا آهن، جنهن سبب 24 ڪلاڪ گئس فراهم نٿا ڪري سگهون، امير ۽ غريب جو گئس بل الڳ ڪيو ويو آهي، سرندي وارن کي گئس جو بل وڌيڪ ڏيڻو پوندو.

پهنجو تبصرو موڪليو