22  جي ٻوڏ ۾ دريائن جا لنگهه کولڻ جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي؟

22 جي ٻوڏ ۾ دريائن جا لنگهه کولڻ جي بجيٽ ڪٿي خرچ ٿي؟

سکر:(ن س) سکر جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڊسٽرڪٽ بار سکر آمد وڪيلن پاران سندس شاندار استقبال جيو ويو ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ بار کي خطاب ڪندي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو ته سکر سان عشق آهي اهو عشق سنڌو درياءَ، ٻلهڻ، عوام، مهاڻن لاءِ آهي پهريان خوف هيو ته اڃ ۾ مري وينداسين هاڻي خوف آهي ته سڀ ٻڏي وينداسين هن چيو ته اسان وٽ ماحولياتي معاملن کي اهميت ناهي ڏني ويندي.ائين پيو لڳي ٿي نئين ٻوڏ آئي آهي ڄڻ اسان ڪڏهن ٻوڏ ناهي ڏٺي هن چيو ته 2022 ۾ جي ٻوڏ ۾ به حڪمرانن چيو ته دريائن جا لنگهه کولينداسين عالمي ادارن کان فنڊ ورتا ڪٿي خرچ ٿيا خبر ناهي. شايد ڪئنال ڪڍڻ تي خرچ ٿيا جنهن کي اوهان رد ڪري ڇڏيو مان پنهجي ڀيڻ سان گڏجي نئين نوجوانن لاءِ پارٽي ٺاهيندس. مان سمجهان ٿو ته نوجوان اسان کي رستو ڏيکاريندا اسان کي پڪو يقين آهي ته پاڪستان جي ترقي قدرتي ماحول، ڌرتي ۽ درياء سان جڙيل آهي. سندس چوڻ ھو ته ترقي ان وقت ممڪن آهي پاڻي، معدنيات متعلق پنهجي پاليسي جوڙينداسين تاريخ گواهه آهي ته هن ملڪ جي هارين، شاگردن وڏا بت ڪيراياٻٻرلوءِ باء پاس تي سويلين وڪيلن طاقت جو مظاهرو ڪيو انهن پاڻي جو ڪيس وڙهيو جنهن لاءِ سرخ سلام آهي سنڌ،. پاڪستان، نوجوان تبديلي، انقلاب لاءِ تيار آهن. آئين کي 1973 جي شڪل ۾ واپس آڻڻ چاهيون ٿا. ترميم بعد ترميم ائين جي اصل صورت بڳاڙي ڇڏي آهي. ڪجهه ماڻهو چون ٿا اسان کي نئون ائين گهرجي. انهن کي ٻڌايان تو ته 1947 کان 1973 تائين ڪيترا ماڻهو شهيد ٿيا، جيڪو آهي اهو واحد سوشل ڪانٽريڪٽ آهي جيڪو چئني صوبن کي جوڙي ٿو. هن چيو ته اسان سمجھون ٿا ته پاڪستان قوم نه پر قومي اتحاد آهي. وفاق جو احترام ڪرڻو آهي پر پهريان صوبن جي حقن جو احترام ڪرڻو آهي پاڪستاني سياست ۾ ماڻھو سمجهن ٿا ڪو به نظريو ناهي رهيو. اسان سوشلزم جو نئون چهرو جيڪو انهن کي محفوظ رکڻ سان گڏ پاڻي ۽ بنيادي سهولتون ڏئي.سياسي طاقت ۽ مضبوط ارادي سان ايشيا جي حڪمراني ڪري سگهون ٿا. سنڌ طاس معاهدو مغرب آڏو سر جهڪائن جي قيمت هئي. ۽ اسان ڀارت کي اجازت ڏئي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو