لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور اداڪارا ماورا حسين پنهنجي والده سان گڏ عمري جي سعادت حاصل ڪري ورتي.اداڪارا مڪه المڪرمه جي هڪ وڊيو شيئر ڪئي آهي پر ان کان اڳ هن مقدس شهر مديني مان پنهنجي ماءُ سان گڏ تصويرون شيئر ڪيون هيون.فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي اداڪارا ماورا حسين تصويرون شيئر ڪندي ڪيپشن ۾ لکيو ته 21 ڊسمبر 2022 تي منهنجي وڏي خواهش پوري ٿي، الحمدلله. هن وڌيڪ لکيو ته ”الله کان ٻيو ڇا گهران، الحمدلله“،هن ڪعبي جي ايموجيز شيئر ڪندي الله جو شڪر به ادا ڪيو ۽ چيو ته هن پنهنجي ماءُ سان ٻه ڀيرا عمرو ادا ڪيو ۽ هاڻ هوءَ ڀرپور زندگي محسوس ڪري رهي آهي.عمره ادا ڪرڻ کان اڳ اداڪاره پنهنجي هڪ الڳ پوسٽ ۾ مسجد نبوي جي زيارت جو ذڪر ڪيو هو.هن ڪيپشن ۾ لکيو ته ”نماز عشق مديني ۾ ادا ڪئي ويندي، مديني ۾ خدا جو رستو سڌو آهي“.هن لکيو ته مسجد نبوي جي رياض الجنه ۾ نماز پڙهڻ منهنجي زندگي جو سڀ کان پرامن تجربو هو جنهن کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.










