2022 جي ٻوڏ ۾ 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، 60 ڪروڙ ڊالر امداد ملي

2022 جي ٻوڏ ۾ 30 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، 60 ڪروڙ ڊالر امداد ملي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير منصوبه بندي احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي 2022 جي ٻوڏ ۾ 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پيو، پر هينئر تائين اسان کي صرف 60 ڪروڙ ڊالرن جي پرڏيهي امداد ملي آهي.رپورٽ موجب احسن اقبال ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان جو اندازو 822 ارب روپيه(تقريبن 2.9 ارب ڊالر) لڳايو ويو آهي. انهي کان علاوه سمورن عالمي واعدن، قرضن جي صورت ۾ هئا، جن مان گهڻا وقت کان اڳ موجود سهولتن مان پورا ڪيا ويا هئا.هن چيو ته اها هڪ ستم ظريقي آهي، عالمي برادري 100 ارب ڊالر جي ماحولياتي مالياتي فنڊ جو واعدو ڪيو هو پر هڪ ارب ڊالر به نه ڏنا ويا. وفاقي وزير چيو ته انهي لاءِ مشاورت کان پوءِ حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته تازو تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل تقريبن 3 ارب ڊالر جي زرعي ۽ انفرااسٽرڪچر نقصانن کي پرڏيهي امداد تي ڀاڙڻ کان سواءِ ملڪي وسيلن سان پورو ڪيو ويندو.هن ٻڌايو ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصان، خاص معاشي اثرن جي اندازي تي سروي جاري ڪري رهيا آهيون. تقريبن ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿي ويندا. شروعاتي رپورٽ موجب هڪ هزار 39 انساني حياتين جو نقصان ٿيو. هڪ هزار 67 ماڻهو زخمي ٿيا، گڏيل طور تي 822 ارب روپين جو زرعي وانفراسٽرڪچر نقصان ٿيو.هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ 70 ضلعن ۾ 65 لک ماڻهو متاثر ٿيا، جن ۾ تقريبن 40 لک ماڻهو عارضي طور تي بي گهر ٿيا. وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 2 هزار 811 ڪلو ميٽر جا روڊ تباهه ٿيا، 2 هزار 200 کان وڌيڪ چوپايو مال مري ويو. 2 هزار 200 تعليمي ادارا متاثر ٿيا، 250 کان وڌيڪ صحت جي مرڪز کي نقصان پهتو ۽ تقريبن 866 پاڻي جي فراهمي جا ڍانچا متاثر ٿيا.هن چيو ته زرعي نقصانن ۾ 34 لک ڪپهه جون ڳٺڙيون، 10 لک ٽن چانور ۽ تقريبن 13 کان 33 لک ٽن ڪمند جو فصل شامل آهي جيڪي زميني تصديق کان پوءِ حتمي ٿيندي. وفاقي وزير ٻڌايو ته پنجاب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيو جنهن جو نقصان 632 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل طور تي 822 ارب روپيه مان سڀني کان وڏو حصو آهي. پنجاب جي وزيراعليٰ وزيراعظم جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ هارين ۽ متاثر خاندانن جي لاءِ امدادي پيڪيج تي بريفنگ ڏني.ترقياتي خرچن جي باري ۾ وفاقي وزير چيو ته هلندڙ مالي سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ پبلڪ سيڪٽر ڊوالپمينٽ پروگرام جي تحت تقريبن 40 ارب روپيه جاري ڪيا ويا. جيڪي گذريل سال جي 34 ارب 80 ڪروڙ روپين جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو وڌيڪ آهن. احسن اقبال چيو ته نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پبلڪ ايڊمنسٽريشن کي هڪ يونيورسٽي ۾ تبديل ڪيو پيو وڃي ته جيئن بيورو ڪريسي کي عالمي معيار موجب تربيت ڏئي سگهجي سماجي اصلاحات صوبن جي ڀرپور شموليت کان سواءِ ممڪن نه آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو