2020 پاڪستان جي ترقيءَ جو سال هوندو؛ وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ ميرٽ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 2020 پاڪستان جي ترقيءَ جو سال هوندو. اسلام آباد ۾ پاڪستان پوسٽ ذريعي پئسا موڪلڻ جي اسڪيم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ پاڪستاني اسان جو قميتي سرمايو آهن ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين جي رقم سان ملڪ هلندو آهي ان ڪري اسان ٻاهر رهندڙ پاڪستانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسڻ گهرجي. هن چيو ته سفارتخانن کي اوورسيز پاڪستانين جي خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻاهرين ملڪ سان قانوني ذريعن سان پيسا موڪليندڙن لاءِ اسڪيم تيار ڪئي پئي وڃي، قانوني طريقي سان پيسا موڪليندڙن کي هيلٿ ڪارڊ ڏيڻ جي تجويز به آهي جڏهن ته قانوني ذريعي پيسا موڪليندڙن کي انعام به ڏنو ويندو. وزيراعظم جو چوڻ هو ته حڪومت جو سڀ کان وڏو ڪم عوام جي زندگي آسان بڻائڻ آهي عوام جي خدمت ڪرڻ سان ئي ملڪ کي عظيم بڻائي سگهجي ٿو. اوور سيز پاڪستانين لاءِ وڌيڪ آسانيون پيدا ڪري رهيا آهيون ۽ انهن کي درپيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ خصوصي توجهه ڏئي رهيا آهيون. وزيراعظم جو چوڻ هو ته مديني جي رياست پهرين ڏينهن ئي نه بڻجي سگهندي، دنيا ۾ ميرٽ تي قائم ڪيل نظام ڪامياب ويندو آهي. ماضي جي حڪومتن عوام جي نه پر پنهنجي خدمت ڪئي آهي. ملڪ ۾ ميرٽ جي فروغ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته 2020 پاڪستان جي ترقيءَ جو سال هوندو.  

پهنجو تبصرو موڪليو