2019 ۾ پاڪستاني ٽيم صرف 1 ٽي ٽوئنٽي ميچ کٽي سگهي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ ۾ سال 2019 پاڪستاني ٽيم لاءِ انتهائي ڏکيو ثابت رهيو. مجموعي طور تي 10 ميچون کيڏندڙ قومي ٽيم صرف هڪ ۾ فتح حاصل ڪري سگهي. 6 فيبروري تي سينچورين ۾ ڏکڻ آفريقا خلاف 3 ميچن جي سيريز جي آخري مقابلي ۾ قومي ٽيم 27 رنسن تان ڪامياب ٿي جنهن کان پوءِ پورو سال پاڪستان ڪا به ميچ کٽي نه سگهي. سال 2019 جي بقايا 9 ميچن مان قومي ٽيم کي 8 ميچن ۾ شڪست ٿي جڏهن ته هڪ ميچ بارش سبب ملتوي ٿي. پاڪستان هن سال 3 ملڪن خلاف ميچون کيڏيون جن ۾ جنوبي آفريڪا خلاف 1-2، سريلنڪا خلاف 0-3 ۽ آسٽريليا خلاف 0-2 کان ناڪامي نصيب ٿي جڏهن ته انگلينڊ جي دوري ۾ ميزبان خلاف هڪ ميچ ۾ 7 وڪيٽن تان شڪست ڏسڻي پئي. ڪرڪيٽ جي شوقينن لاءِ پاڪستاني ٽيم سڀ کان حيران ۽ پريشان ڪندڙ ڪارڪردگي سريلنڪا خلاف هوم سيريز ۾ ڏيکاري جنهن ۾ گرين شرٽس ٽئي ميچون هارائي وئي حالانڪه قومي ٽيم ان وقت ٽي ٽوئنٽي ريڪنگ ۾ نمبر ون پوزيشن تي موجود هئي. قومي ڪرڪيٽ ٽيم اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي ڪيپٽن جي حيثيت سان آخري سيريز هئي جنهن کان پوءِ هن کي ڪپتاني تان هٽائڻ بعد ٽيم مان به ڊراپ ڪيو ويو. آسٽريليا دوري ۾ قومي ٽيم ٽي ٽوئنٽي جي نئين ڪپتان بابر اعظم جي قيادت ۾ ميدان ۾ لٿي پر پوءِ به پاڪستاني ٽِم کي ميزبان ٽيم خلاف سيريز ۾ 0-2 تان شڪست ملي جڏهن ته پهريون ميچ برسات سبب ملتوي ڪيو ويو هو.  

پهنجو تبصرو موڪليو