ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت 2012 ۾ ڀرتي ڪيل تعليم کاتي جي 286 ملازمن کي برطرف ڪري ڇڏيو آهي سنڌ جي تعليم کاتي پاران 286 ملازمن کي برطرف ڪرڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي تعليم کاتي ان حوالي سان چيو ته ڊگريون ۽ دستاويز جعلي هجڻ تي انهن ملازمن کي نوڪري مان هٽايو ويو آهي برطرف ماڻهن ۾ استاد، ليب اسسٽنٽ ۽ پٽيوالا شامل آهن.










