2010 مھا ٻوڏ ۾تباھ ٿيل روڊ جي مرمت اڄ تائين نه ٿي

2010 مھا ٻوڏ ۾تباھ ٿيل روڊ جي مرمت اڄ تائين نه ٿي

دڙو (رپورٽ شوڪت ميمڻ) دڙو لڳ 2010 ۾ آيل مھا ٻوڏ سبب تباھ ٿيل آمري اسٽاپ کان ڪوٽ عالمون روڊ جي مرمت 10 سال گذرڻ باوجود نه ٿي رھندڙ ھزارين رھواسي سخت مشڪلاتن جو شڪار انفرااسٽريڪچر بحال نه ٿيڻ سبب ڪوٽ عالمون، رانٽا ۽ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن ۾ سڃ واڪا ڪرڻ لڳي رھواسين طرفان ڪوٽ عالمون روڊ جي مرمت جو مطالبو تفصيل موجب سجاول ضلعي جي شھر دڙو لڳ ڪوٽ عالمون، رانٽا ۽ ڀرپاسي جي سوين ڳوٺن کي آمري اسٽاپ کان ملھائيندڙ ڪوٽ عالمون، رانٽا مين روڊ جي تعمير نه ٿي سگھي آھي جڏھن ته سال 2010 ۾ آيل مھا ٻوڏ سبب تباھ ٿيل ڪوٽ عالمون رانٽا ۽ ٻين علائقن جي انفرااسٽريڪچر جي بحالي لاء حڪومت توڙي سجاول جي ضلعي انتظاميا ڏھ سال گذرڻ باوجود ڪوبه اڃا تائين ڪوبه قدم نه کڻي سگھي آھي۔ جنھن سبب مذڪوره علائقن ۾ سڃ واڪا ڪرڻ لڳي آھي سجاول ضلعي انتظاميا جي لاپرواهي سبب ڄاڻايل روڊ جي ڪيترن سالن کان مرمت نه ٿيڻ ڪري روڊ هنڌان هنڌان اکڙي تباھ ٿي ويو آهي جنهن ڪري ھتان جي ھزارين رهواسين کي آمدرفت ۾ سخت ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن 2010 جي ٻوڏ کان پوءِ ضلعي جي مختلف روڊن جي مرمت ڪئي وئي پر ٻوڏ دوران سخت متاثر ٿيندڙ ڪوٽ عالمون روڊ کي نظر انداز ڪيو ويو جنھن رهواسين جي اهنجن ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي ھتان جي رھندڙ باشعور ڌرين سيد اسماعيل شاھ، گلزار ناھيو، علي حسن شورو، گھنور جاکرو،  خميسو ميمڻ علي محمد سورجو ۽ ٻين سنڌ حڪومت حد جي چونڊيل نمائيندن سجاول جي ضلعي انتظاميا ۽ ٻين واسطيدار ڌرين جو ڌيان ھن روڊ طرف ڇڪائيندي گھر ڪئي ته دڙو لڳ آمري اسٽاپ کان ڪوٽ عالمون روڊ جي مرمت لاءِ تڪڙا اپاءَ وٺي ھتان جي رهواسين کي سفري سھولت مھيا ڪئي وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو