200 روپين تان جهيڙو، فائرنگ ۾ بٺي جو مالڪ قتل

ڪنڌڪوٽ(رپورٽ غالب بلوچ) ڪنڌڪوٽ ڀرسان ملھير اسٽاپ وٽ سرن جي بٺي جي مالڪ غلام شبير گولو۽ سندس ئي برادري جي ماڻھن وچ ۾ 200 روپين جي ڏيتي ليتي جي معمولي ڳالھ تان جھيڙوٿي پيو. جنهن دوران مخالف ڌر جي گوليون لڳڻ سبب بٺي جو مالڪ قتل ٿي ويو. فائرنگ دوران بٺي جو مالڪ کي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو پر هو فوت ٿي ويو. ڪنڌڪوٽ سي سيڪشين پوليس لاش پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارٽن حوالي ڪيو، ڪيس داخل ڪيوويو پر گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو