20 سال آمريڪا سان جنگ ڪندڙ طالبان پئسا ڪٿا آڻين ٿا؟

دائود اعظمي/ جاويد سولنگي

آمريڪي قيادت ۾ نيٽو فوج ٻن ڏهاڪن جي ويڙهه کانپوءِ افغانستان مان مڪمل واپسي شروع ڪري ڏني آهي، طالبان ان کان  اڳ ئي افغانستان جي ڪيترن ئي حصن تي قبضو ڪري ڇڏيو آهي ۽ هاڻي تيزي سان ملڪ جي ٻين حصن تي ڪنٽرول حاصل ڪري رهيا آهن. تازن اطلاعن موجب ايران ۽ ازبڪستان سان ملندڙ سرحدن جا لنگهه ڪنٽرول ڪرڻ بعد پاڪستاني سرحي لنگهن تي به طالبان قبضو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. افغانستان جي صدر اشرف غني پاڪستان تي مداخلت ڪرڻ ۽ طالبان جي مدد جو الزام هڻندي چيو آهي ته پاڪستان 10 هزار طالبان جنگجو افغانستان موڪليا آهن. وزيراعظم عمران خان الزم رد ڪندي چيو آهي ته پاڪستان منڍ کان چوي پيو ته طالبان سان ڳالهيون ڪريو پر افغان حڪومت لنوائيندي رهي، هاڻي جڏهن طالبان فتح حاصل ڪري رهيا آهن ته هاڻي هو ڇو ڳالهائيندا؟

گذريل ڪجهه هفتن ۾ ، طالبان افغانستان جي ڏکڻ ۽ اوڀر صوبن تي حملن ۾ واڌ ڪئي آهي ۽ هن وقت تائين ملڪ جي 34 صوبن مان 20  صوبن تي مڪمل ڪنٽرول ڪري ورتو آھي۔ حملن جي انهي نئين لهر جي دوران ، طالبان پڻ ڪابل جي اولهه جي هڪ اهم وادي تي قبضو ڪيو آهي ، انھن وڌندڙ حملن جي ڪري  وفاقي گادي واري ھنڌ ڪابل لاء خطرا وڌي ويا آھن۔ افغانستان ۾ اٽڪل 60،000 طالبان جنگجو آهن  ۽ 2001 کان وٺي ، جڏهن  آمريڪي اتحاد ھنن کان اقتدار کسيو  ،  ان کان پوء طالبان وري هاڻ افغانستان ۾ تمام وڏي علائقي تي واپس ڪنٽرول ڪري ورتو آھي۔ ڪابل حڪومت کي آمريڪي فوجي ۽ مالي مدد جي باوجود ،ھي جنگ وڌيڪ  مشڪل ٿيندي وئي.آمريڪا طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب ، جنگ تي هينئر تائين 200 کرب ڊالرز کان وڌيڪ  پئسا خرچ ٿي چڪا آهن. دنيا جون بهترين هاءِ ٽيڪ فوجون 20 سالن تائين طالبان کي جهڪائي نه سگهيون ۽ مجبور ٿي امن معاهدو ڪري ڀڄڻ ۾ ئي عافيت سمجهي. انهي تناظر ۾ ، سوال اِهو آهي ته طالبان جي آمدني جا ذريعا ڪھڙا آھن ، جيڪي ڊگهي عرصي کان افغانستان جھڙي وڏي پکيڙ واري ۽ ترقي پذير ملڪ ۾ اربين ڊالرز جي مشينري واري سپر پاور آمريڪي ۽ نيٽو فورسز سان وڙهندا رهيا آهن؟

طالبان ڪيترا پئسي وارا  آهن ؟

طالبان 1996 کان 2001 تائين افغانستان تي حڪومت ڪئي ۽ اتي شريعت تي سختي سان عمل ڪندا رھيا. جڏهن کان ھنن کان اقتدار کسيو ويو آهي، ھو  ان  وقت کان وٺي ملڪ ۾ هٿيارربند بغاوت ڪري رهيا آهن. انهن جي آمدني / ڪمائي جي ذريعن جو صرف  اندازو ئي لڳائي سگهجي ٿو ڇاڪاڻ ته ويڙهاڪ تنظيمون ۽ ڳجها ڪم ڪندڙ پنهنجي آمدني ۽ خرچن جي تفصيل ظاهر نه ٿيون ڪن. بهرحال ، بي بي سي جا ڪيل انٽرويوز افغانستان جي اندر ۽ ٻاهر، هنن جي ڳجھي مالياتي نيٽ ورڪ ۽ ٽيڪس نظام کي ظاھر ڪري ٿو،جنهن جي ذريعي هو  بغاوت جاري رکيو اچن ٿا۔ سلامتي ڪائونسل طرفان 2020 ۾ شايع ٿيل هڪ رپورٽ مطابق ، ان جي ميمبرن ۽ ٻين ملڪن جي اندازي مطابق ، طالبان جي ڪل سالياني آمدني 30 ڪڙوڙ ڊالرز کان 1.5 ارب  ڊالرز تائين  آهي. 2019 ۾ طالبان جي آمدني ۾ گهٽتائي جي خبر آئي پر  طالبان پنهنجا وسيلا احتياط ۽ مؤثر طريقي سان استعمال ڪندا رهيا آھن ۽ هن وقت ھو ڪنھن به شي جي گھٽتائي  کي منهن نه ڏئي رهيا آھن۔ آمدني جي گھٽتائي جو هڪ سبب آفيم / ڀنگ جي پوکي ۾ گهٽتائي ۽ ان جي وجھ سان آمدني ۾ به گھٽتائي آهي پر ساڳي وقت امداد ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ آمدني ۾ گهٽتائي ۽ انتظامي منصوبن ۾ واڌ به آهي۔ رپورٽ مطابق طالبان آمدني وڌائڻ لاءِ روڊن تي ٽول ٽيڪس وڌائي ڇڏيا آهن ، جنهن جي ڪري ملڪ جي اترئين حصي ۾ سندن طاقت ۾ اضافو ٿيو آهي. پيسو عوام کان  زڪوات ۽ عشر جي صورت ۾ پڻ گڏ ڪيو ويندو آهي خاص طور تي طالبان جي قبيلائي شهري علائقن کان۔ گذريل ٻن ڏهاڪن دوران ، افغان ۽ آمريڪي حڪومتن ان نيٽ ورڪن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ آمريڪي فوج منشيات جي ڪارخانن تي بمباري پڻ ڪئي پر ڪو به فائدو نه ٿيو. بهرحال طالبان جي آمدني جا ذريعا منشيات جي واپار کان علاوه ٻيا به آھن. 2012 ۾  گڏيل قومن ان تصور خلاف خبردار ڪيو ته افغانستان ۾ آفيم جي  پوکي  طالبان جي آمدني جو واحد ذريعو  آهي.

Photo courtesy BBC

افيم ، ٽيڪس ۽ ڀتا خوري.

افغانستان دنيا ۾ آفيم پيدا ڪرڻ وارو سڀ کان وڏو ملڪ آهي. افغانستان مان تقريبن ھر سال 1.5  ٽن ارب ڊالرز جي رقم تي مشتمل آفيم جو واپار ڪيو ويو آهي ۽ افغانستان دنيا جو سڀ کان وڏو غيرقانوني هيروئن جو واپاري ملڪ آهي. افغانستان جي پوش علائقن ۾ آفيم جي پڻ پوکي ڪئي ويندي آهي ، پر گهڻو ڪري آفيم طالبان جي ڪنٽرول واري علائقن ۾ پوکيو ويندو آهي ۽ ان کي آمدني جو اهم ذريعو سمجهيو ويندو آهي. طالبان ان جي  مختلف مرحلن تي لاڳو ڪيل ٽيڪس مان پنهنجا پئسا وصول ڪن ٿا۔ آفيم جي پوک لاءِ هارين تي ڏهه سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي. ليبارٽريز تي ٽيڪس پڻ لاڳو ڪيا ويا آهن جتي  آفيم مان ھيروئن  ٺاھي ويندي آهي ۽ غيرقانوني طور سمگلنگ ڪرڻ وارن سمگلرن کان ٽيڪس پڻ ورتو ويندو آھي۔ غيرقانوني طور تي منشيات جو معيشت ۾ طالبان جو ساليانو حصو 10 ڪروڙ کان 40 ڪڙوڙ آمريڪي ڊالرز  تائين آهي۔ ملڪ جي ننگرهار صوبي تي قبضي وارا علائقا جتي آفيم جي پوک گھڻي آهي، 2020 جي سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ مطابق ، خاص طور تي ان وقت جڏهن افغان فورسز بدخشان صوبي ۾ معدني بارودی سرنگن جو ڪنٽرول حاصل ڪيو آهي، مجموعي طور تي طالبانن پنهنجي قبضي هيٺ صوبن ۾ زراعت ، بنيادي ڍانچي ، ضروري شين ۽ صنعتن تي ڪيترائي ٽيڪس لاڳو ڪيا آهن. طالبان گذريل سال کان ٽيليفون سروسز ۽ بجلي ڏيندڙ ڪمپنين کان ڀتو پڻ ورتو آھي۔ منشيات جي صنعت ٽرمپ انتظاميه جي افغانستان ۾  بغاوت کي روڪڻ واري حڪمت عملي کي وڌيڪ جارحاڻي انداز ۾ لاڳو ڪرڻ ۽  آمريڪا هڪ ڀيرو ٻيهر طالبان جي مالي نيٽ ورڪ ۽ ٽيڪس ذريعن ، جن ۾ منشيات جون ليباريٽريز پڻ شامل آهن.

Photo courtesy BBC

انھن کي نشانو بڻائڻ تي ڌيان ڏنو آهي ، جن ۾ آفيم مان ھيروئن ٺهندي آهي. آمريڪي فوج جي مطابق، طالبان جي 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آمدني منشيات مان اچي ٿي. ان وقت آمريڪا  اھا دعويٰ ڪئي هئي ته هوائي مهم جي ڪري طالبان جي آمدني جو هڪ ڀاڱي ٽيون حصو جيڪو  آفيم جي واپار مان حاصل ٿيندو ھو ان کي ھنن ڪٽي ڇڏيو هو ، پر انھن تجربي گاھن جي ٻيهر اڏاوت آسان ۽  گھٽ قيمت واري  ھجڻ جي ڪري، انھن کي استعمال ڪيو وڃي ٿو۔ طالبان منشيات جي صنعت ۾  ملوث هجڻ کان انڪار ڪيو آهي ۽ 2000 ۾ هنن آفيم جي پوک تي مڪمل پابندي تي فخر ڪيو ھيو. طالبان جو بنيادي ذريعو آمدني گهڻي عرصي کان هيروئن جي پوک ۽ پيداوار آهي ، پر آئيس يا ڪرسٽل ميٽ جي پيداوار افغانستان ۾ هڪ نئين نشي واري  صنعت جي طور سامهون آئي آهي. ڪرسٽل ميٽ کي هيروئن کان وڌيڪ فائدي مند ان ڪري  سمجهيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي پيداوار ۾ استعمال ٿيندڙ جزا ٿورو سستا آهن ۽ وڏي ليبارٽري جي ضرورت ناهي پوندي۔ سلامتي ڪائونسل موجب ، طالبان ڪرسٽل ميٽ وارن ليبارٽريز تي 60 سيڪڙو تي ڪنٽرول ڪن ٿا ، جن مان گهڻيون صوبي فرح ۽ نمروز ۾ واقع آهن. ان جي پيداوار ۾ سڀني کان اهم عنصر ايفيڊرن هوندي آهي ، جيڪو اڳي درآمد ڪئي ويندي هئي  پر هاڻي افغانستان ۾ ئي تيار ٿئي ٿي .گڏيل قومن جي ڊرگس اينڊ ڪرائم ڪنٽرول واري اداري جي مطابق ، ڪرسٽل ميٽ جي سمگلنگ پڻ عروج تي آهي.

منشيات ۽ ٽيڪس کان سواء طالبانِ جي آمدني جا ذريعا  ٻيا ڪھڙا  آهن؟

طالبان جو مالي نيٽ ورڪ منشيات جي اسمگلنگ تي محصولات جي وصولي کان ٻيو به گھڻو ڪجھ آهي. بي بي سي جي تحقيقاتي رپورٽ جيڪا 2018 جي ​​شروعات ۾ شايع ٿي، ان ۾ اھو ڄاڻايو ويو ته طالبان افغانستان جي 70 سيڪڙو علائقي ۾ سرگرم هئا ۽ اتي انهن جي موجودگي هئي. انهن علائقن ۾ ، طالبان پنهنجي حڪمراني جي دور وارو ٽيڪس جو نظام برقرار رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. اهي ٻين صنعتن جهڙوڪ ٽيليڪميونيڪيشن ۽ موبائيل فون آپريٽرس کان پڻ  ٽئڪس حاصل ڪن ٿا. افغانستان جي بجلي ڪمپني جي سربراهه بي بي سي کي ٻڌايو ھو ته طالبان ملڪ جي مختلف حصن ۾ بجلي استعمال ڪندڙن کان هر سال 20 لک ڊالرز جا وڌيڪ ٽئڪس وصول ڪيا آھن۔ ان کان سواءِ ، سڌي طرح جنگ ۾ پڻ آمدني پيدا ٿيندي آهي. جڏھن طالبان ڪنھن فوجي پوسٽ يا شهر جي مرڪز تي قبضو ڪندا آهن ته ھو اتان ھر شي کڻي وڃن ٿا  ۽ مختلف قسم جا هٿيار،ڪارون ۽ بڪتر بند گاڏين کي پڻ ضبط ڪن ٿا۔

.کاڻيون ۽ معدنيات

افغانستان معدنيات ۽ قيمتي پٿر سان مالا مال آهي ۽ سالن جي جنگ جي ڪري ان مان گهڻو فائدو حاصل نه ٿيو آهي. افغانستان ۾ کاڻ جي صنعت هڪ ارب ڊالرز جي ٻڌائي وڃي ٿي. ياد رهي ته اڪثر  کاڻ واري صنعت  ھتي ننڍي  سطح تي ۽ غيرقانوني طور ڪئي وڃي ٿي.

Photo courtesy BBC

طالبان جي ڪنٽرول ھيٺ علائقا جتي قانوني ۽ غير قانوني طور کاڻ جي صنعت ڪم ڪري رھي آھي، طالبان انھن کان به ٽئڪس وصول ڪن ٿا۔ گڏيل قومن جي تجزياتي مدد ۽ پابندين جي نگراني واري ٽيم 2014 جي رپورٽ ۾ چيو آهي ته طالبان ڏکڻ هلمند صوبي ۾ 25 کان 30 غيرقانوني طور ھلندڙ کاڻن وارن کان 10 ملين ڊالرز وصول ڪيا. اوڀر ننگر هار صوبي ۾ طالبان جي ڪمن جو مختصر تجزيو انهن جي چال چلت تي روشني وجهي ٿو. صوبائي گورنر بي بي سي کي ٻڌايو ته سندس صوبي مان اڌ آمدني يا ته طالبان وٽ ھلي وڃي ٿي يا اسلامي رياست ڏانهن. هنن اندازو لڳايو ته طالبان، معدنيات سان مالامال صوبي مان نڪرندڙ في ٽرڪ تي 500 ڊالر چارج ڪندا آهن ، جڏهن ته اهڙا سوين ٽرڪ روزانو صوبي مان نڪرن ٿا۔ 2020 سلامتي ڪائونسل جي رپورٽ مطابق ، هلمند صوبي جو معائنو ڪندڙ ٽيم جي دوري دوران ، انهن کي اها ڄاڻ به ملي ته سليماني سنگ مرمر ، سون ، ٽامون ، ٽن ، زنڪ ۽ ٻين ناياب معدنيات جي کاڻيون  به طالبان جي آمدني جو وسيلو آهن. جنهن کان باقاعدي ٽيڪس ورتو وڃي ٿو. رپورٽ مطابق ، راغستان ضلعي ۾ سون جي کاڻ مان مهيني ۾ 2 لک ڊالرز ڪمائي ٿئي ٿي ۽ علائقي ۾ 100 کان وڌيڪ کو ٽائي ڪندڙ مشينون ھلن ٿيو  جن تي طالبان انفرادي طور تي هفتي ۾ 300 کان 400 ڊالرز ڪمائن ٿا۔ طالبان ، مقامي واپاري ۽ حڪومتي اهلڪار جن سان اسان ڳالهايو هو ، انھن جي مطابق طالبان هر سال کاڻن مان پنج ڪڙوڙ ڊالرز ٽئڪس جي مد ۾  ڪمايا۔

غير ملڪي فنڊنگ

ڪيترائي افغان ۽ آمريڪي اهلڪار ڊگهي عرصي کان مختلف علائقائي حڪومتن تي الزام لڳائي چڪا آهن ،  جن ۾ ايران ، روس ۽ پاڪستان شامل آھن ته ھو  افغان طالبان جي مالي مدد ڪري رهيا آهن. انهن ملڪن مسلسل الزامن کان انڪار ڪيو آهي.

Photo courtesy BBC

ڪيترا ئي خليجي ملڪن جا شهري جهڙوڪ سعودي عرب ، قطر ۽ گڏيل عرب امارات طالبان جي مالي مدد ڪندڙن ۾ شامل آهن. جيتوڻيڪ اندازو ڪرڻ ڏکيو آهي ، پر اهي فنڊنگ جا ذريعا طالبان جي آمدني ۾ پڻ وڏي پئماني تي اضافو ڪندا آهن ، ماهر ۽ اهلڪار چون ٿا ته اها پرڏيهي امداد 50  ڪڙوڙ ڊالرز جيتري ٿي سگهي ٿي۔ ڊگهي عرصي کان وٺي ساڻن رابطا آهن. 2008 ۾ سي آءِ اي پاران هڪ رٿا بندي ٿيل رپورٽ مان اندازو لڳايو ويو آهي ته طالبان هن سال 1.5 بلين ڊالر پرڏيهي امداد حاصل ڪري ورتي آهي ، ان جو گهڻو حصو خليجي ملڪن  کان کين مليوآهي. (ھي مضمون 2018 ۾ بي بي سي آن لائن شايع ڪيو هو پر ڪافي نئين معلومات شامل ڪري افغانستان جي موجوده صورتحال ۽ سلامتي ڪائونسل جي 2020 واري رپورٽ جي اهم نقطن سان گڏ ٻيهر شايع ڪيو).  jawaid1_solangi@yahoo.com

پهنجو تبصرو موڪليو