واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي موجودگي ۾ ڳالهين ۾ اڳڀرائي ٿي آهي ۽ اهم موڙ تي پهتا آهيون پر ان جو هر گز مطلب اهو ناهي ته ڊيل جي ويجهو آهيون. آءِ ايس پي آر چيو آهي ته حتمي مفاهمت ڏانهن هوصلا افزا پيش رفت ٿي آهي.
ايران سان ڳالهين ۾ حوصلا افزا پيش رفت ٿي آهي، فوجي ترجمان
فيلڊ مارشل عاصم منير جو مختصر پر انتهائي اهم ايران جو سرڪاري دورو مڪمل ٿي ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ٿيل گهري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ حتمي مفاهمت طرف حوصلا افزا اڳڀرائي ٿي آهي۔ آئي ايس پي آر مطابق ايران پهچڻ تي فيلڊ مارشل جو استقبال ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سينيئر سول ۽ فوجي عملدارن سان گڏ ڪيو۔ آئي ايس پي آر چيو ته عاصم منير ايران جي اعليٰ قيادت سان اهم ملاقاتون ڪيون، جن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن قائم ڪرڻ لاءِ جاري ثالثي جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي۔ اهي ملاقاتون جاري سفارتي ۽ ثالثي ڪوششن جو حصو هيون۔ فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي صدر مسعود پزشڪيان سان ملاقات ڪئي، جڏهنته هن ايران جي پارليامينٽ اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ پرڏيهي وزيرعباس عراقچي سان به ملاقاتون ڪيون۔ آئي ايس پي آر موجب تہران ۾ اهي ملاقاتون مثبت ۽ تعميري ماحول ۾ ٿيون، جن ثالثي واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو۔ گذريل 24 ڪلاڪن جي گهري ڳالهه ٻولهه جي نتيجي ۾ حتمي مفاهمت طرف حوصلا افزا اڳڀرائي ٿي آهي۔ آئي ايس پي آر چيو ته ملاقاتن جو مقصد 8 اپريل جي جنگ بندي کان پوءِ علائقي ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ تعميري لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ هو۔ آئي ايس پي آر موجب ايران جي قيادت علائقائي مسئلن جي پرامن حل ۾ پاڪستان جي مخلص ۽ تعميري ڪردار کي ساراهيو.
سٺي خبر جي اميد آهي، ڇنڇر تائين اتفاق ٿي سگهي ٿو، روبيو
آمريڪا جي پرڏيهي کاتي جي سيڪريٽري مارڪو روبيو چيو آهي ته امڪان آهي ته ايران سان وچ اوڀر واري جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڪنهن معاهدي تي شايد ڇنڇر تائين اتفاق ٿي سگهي ٿو. ڀارت جي پهرين دوري جي موقعي تي دهلي ۾ هن ميڊيا سان ڳالهائيند هن چيوآهي ته: “امڪان آهي ته اڄ دير سان، يا سڀاڻي، يا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾، اسان وٽ چوڻ لاءِ ڪجهه هجي.” نئين دهلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته هو “سٺي خبر” جي اميد رکي ٿو.
هرمز بابت معاملا آمريڪا سان پر خطي جي ملڪن سان طئي ٿيندا، ايران
ايران چيو آهي ته آبنائي هرمز بابت ڪنهن به نظام يا ميڪنزم تي فيصلو صرف ايران، عمان ۽ ان آبي رستي سان لاڳاپيل ٻين ملڪن جي وچ ۾ ٿيڻ گهرجي، ۽ ان ۾ آمريڪا جو “ڪوبه واسطو ناهي. رائٽرز موجب اسماعيل بقائي، جيڪو ايران جي پرڏيهي وزارت جو ترجمان آهي، پڻ چيو ته ايران ان وقت پاڪستان جي ثالثي هيٺ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ هلندڙ ڳالهين ذريعي هڪ مفاهمتي يادداشت (MoU) کي حتمي شڪل ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي، جيئن ايران جي سرڪاري ميڊيا ٻڌايو آهي۔
اميد آهي ته ايران جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو اڄ ئي قبول ڪري وٺندو: روبيو
آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو چيو آهي ته اميد آهي ته ايران جنگ جي خاتمي لاءِ معاهدو اڄ ئي قبول ڪري وٺندو. ڀارت جي دوري موقعي تي نئين دهلي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته ٿي سگهي ٿو اڄ، سڀاڻي يا ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ اسان وٽ اعلان ڪرڻ لاءِ ڪجهه هجي.آمريڪي پرڏيهي وزير اهو به چيو ته ايران جنگ جي حوالي سان سٺي خبر لاءِ پراميد آهيان.مارڪو روبيو جو اهو به چوڻ هو ته ايران سان ڳالهين (مذاڪرات) ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي آهي.
جنگ هر محاذ تي ختم ٿيڻ گهرجي، ايٽمي معاملن کي ڌار رکو، بقائي
ايران جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته ايران فيصلو ڪيو آهي ته ڳالهين کي “جنگ جي خاتمي تي هر محاذ تي، بشمول لبنان، مرڪوز ڪيو وڃي”۔ هن چيو: “هن مرحلي تي اسان ائٽمي مسئلي جي تفصيلن تي ڳالهه ٻولهه نه ڪنداسين”، جيئن ايران جي سرڪاري خبر ايجنسي ارنا رپورٽ ڪيو آهي۔ هن وڌيڪ چيو: “ڇا اسان 30 ڏينهن ۾ ائٽمي معاملي تي داخل ٿيون يا 60 ڏينهن ۾، اهو بعد جو معاملو آهي۔” رپورٽن موجب ثالثن جو وفد ملڪ ڇڏي ويو آهي۔ پاڪستاني فيلڊ مارشل عاصم منير جي اڳواڻي ۾ ٽيم مختلف اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون، ۽ سندس ايران ۾ رهائش 24 ڪلاڪن کان به گهٽ رهي۔ الجزيره جي رپورٽ موجب ايراني قيادت طرفان پيغام مليل جليل آهي، خاص طور تي صدر مسعود پزشڪيان ۽ پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف، ٻن رخن وارو آهي۔ هڪ پاسي هو ڳالهين لاءِ تيار آهن، ۽ ٻي پاسي ڪنهن به ٽڪراءَ لاءِ به مڪمل تياري ڏيکارين ٿا۔ مسعود پزشڪيان ۽ پاڪستاني آرمي چيف جي ملاقات ۾ هن چيو ته آمريڪين سان ڳالهين جي تاريخ ۽ تجربو اهو ٻڌائي ٿو ته اسان کي انتهائي احتياط اختيار ڪرڻ گهرجي۔
فيلڊ مارشل جون ايراني صدر، اسپيڪر ۽ پرڏيهي وزير سان ڌار ڌار ملاقاتون
چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ايراني صدر مسعود پذشڪيان، پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ اسپيڪر قاليباف سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون آهن. جنهن ۾ ايران آمريڪا ڳالهين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان پاران آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن ۽ ان سلسلي ۾ چيف آف ڊيفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير ۽ گهرو وزير محسن نقوي ايران ۾ موجود آهن. ايراني خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب، فيلڊ مارشل عاصم منير تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ، امن، استحڪام ۽ اولهه ايشيا جي سيڪيورٽي بابت سفارتي ڪوششن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ياد رهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير گذريل ڏينهن ايران جي دوري تي پهتو هو، جتي ايران جي گهرو وزير اسڪندر مومني سندس گرمجوشي سان استقبال ڪيو هو. ٻئي طرف، گهرو وزير محسن نقوي اڳ ئي ايران ۾ موجود آهي، جتي هن ايران جي ڪيترين ئي اهم شخصيتن سان ملاقاتون به ڪيون آهن ۽ آمريڪا سان جاري تڪرارن ۾ گهٽتائي آڻڻ جي حوالي سان قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي آهي. ايراني ميڊيا جي رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فيلڊ مارشل اعليٰ ايراني شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو، جڏهن ته ايران آمريڪا ڳالهين، خطي ۾ امن جي قيام ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. چيف آف ڊيفينس فورسز سيد عاصم منير ايران آمريڪا امن معاهدي کي حتمي شڪل ڏيارڻ لاءِ ڪوششون ڪندو، فيلڊ مارشل جو هي دورو ايران پاڪستان جي جاري ثالثي جي ڪوششن جو حصو آهي.
ايراني نيوي جي اجازت سان هرمز مان 25 جهاز گذريا آهن
آءِ آر جي سي جي بحريه چيو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ 25 جهاز آبنائي هرمز مان گذريا آهن، فارس نيوز ايجنسي موجب آءِ آر جي سي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته: “گذريل 24 ڪلاڪن دوران تيل کڻندڙ ٽينڪرن، ڪنٽينر جهازن ۽ ٻين واپاري جهازن سميت 25 جهاز، آئي آر جي سي نيوي جي هم آهنگي ۽ سيڪيورٽي هيٺ اجازت حاصل ڪرڻ کان پوءِ آبنائي هرمز مان گذريا آهن۔”
قطري امير جي صدر ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه
قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جنهن دوران علائقائي ڇڪتاڻ ۽ وڌيڪ تڪرار روڪڻ لاءِ پاڪستان جي اڳواڻي ۾ هلندڙ سفارتي قدمن تي خيال ونڊيو ويو، اها ڳالهه قطر جي پرڏيهي کاتي پنهنجي بيان ۾ ٻڌائي آهي. ٻنهي ڌرين ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ استحڪام برقرار رکڻ جي ڪوششن جو جائزو ورتو، جنهن ۾ خاص طور آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ پاڪستان جي ثالثي جي حمايت تي ڌيان ڏنو ويو۔ ڳالهه ٻولهه دوران جاري مسئلن جي حل لاءِ مسلسل ڳالهين جي اهميت تي پڻ زور ڏنو ويو، جيئن سامونڊي آمدرفت جي تحفظ، اهم سامونڊي گذرگاهن جي سلامتي، ۽ عالمي توانائي توڙي سپلاءِ چين جي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي۔ ان موقعي تي امير قطر پرامن حلن لاءِ قطر جي وابستگي ۽ سفارتي ڪوششن جي حمايت کي ٻيهر ورجايو۔
اسرائيل لاءِ جاسوسي جي الزام ۾ 2 عورتن کي ايران ۾ سزا
ايران، اسرائيل لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ ٻن عورتن کي گڏيل طور 53 سالن جي قيد جي سزا ٻڌائي آهي. اسلامڪ ريپبلڪ نيوز ايجنسي’ارنا‘ موجب هڪ عورت کي 26 سال ۽ ٻي عورت کي 27 سال قيد جي سزا ڏني وئي آهي۔ صوبي سمنان جي چيف جسٽس چيو ته اهي “دشمن نيٽ ورڪن سان سرگرم رابطي ۾ هيون ۽ دشمن کي ايران جي معزز قوم خلاف هراسان ڪندڙ ڪاررواين جي هدايت لاءِ گهربل وڊيو مواد ۽ معلومات موڪلي رهيون هيون۔” هن وڌيڪ چيو ته: “انهن ٻن ڪرائي جي ايجنٽن جو انجام انهن سڀني لاءِ سبق آهي، جيڪي آمريڪي-صهيوني دشمنن جا ساٿي هجڻ جي بهاني ايران جي پياري عوام جي سلامتي کي نشانو بڻائي رهيا آهن۔”
خليج عدن ۾ مشڪوڪ سرگرميون ٿي رهيون آهن
برطانيا جي ميري ٽائيم ٽريڊ آپريشنز سينٽر چيو آهي ته ان کي خليج عدن ۾ “مشڪوڪ سرگرمين” بابت رپورٽون مليون آهن۔ بيان ۾ چيو ويو آهي ته: “ڪيترين ئي رپورٽن موجب جهازن جي ويجهو ننڍيون ٻيڙيون (اسڪف) آيون آهن، جڏهن ته ٻن آئوٽ بورڊ انجڻن واري هڪ وڏي اسڪف کي ڏاڪڻين ۽ هٿيارن سان گڏ ڏٺو ويو آهي۔” بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان علائقي مان گذرندڙ جهازن کي “احتياط سان سفر ڪرڻ” جي صلاح ڏني وئي آهي۔ ان سان گڏ چيو ويو آهي ته اختياريون ان واقعي جي جاچ ڪري رهيون آهن۔ جيتوڻيڪ آبنائي هرمز ۽ خليج عدن جاگرافيائي طور الڳ علائقا آهن، پر باب المندب آبنائي ڳاڙهي سمنڊ کي خليج عدن سان ڳنڍي ٿي ۽ عالمي تيل جي واپار لاءِ هڪ انتهائي اهم سامونڊي گذرگاهه آهي.
آمريڪا جي فوج دنيا جي طاقتور فوج آهي، ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ آهي ته اسان وٽ دنيا جي طاقتور ترين فوج آهي، ايران جي نيوي ۽ فضائيه کي مڪمل طور تي تباهه ڪري ڇڏيو، ايراني اڳواڻ به مارجي چڪا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته چين جو تاريخي دورو ڪيو، صدر شي جن پنگ سٺو ماڻهو آهي. آمريڪي صدر چيو ته 2 سال اڳ سعودي عرب آمريڪا ۾ 2 ٽريلين ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪري رهيو هو، اسان جي دور ۾ آمريڪا ۾ سعودي سيڙپڪاري جو حجم 18 ٽريلين ڊالرن تائين پهچي ويو. ٽرمپ چيو ته 2 سال اڳ آمريڪا هڪ مري ويل ملڪ هو ۽ هاڻي آمريڪا جي هر ڪو عزت ڪري رهيو آهي.
آمريڪا جا ضرورت کان وڌيڪ مطالبا پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ جاري امن ڳالهين ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن: ايران
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي ٻڌايو آهي ته آمريڪا جا ضرورت کان وڌيڪ مطالبا جاري امن ڳالهين جي رستي ۾ سڀني کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهن.ايراني نيوز ايجنسي موجب عباس عراقچي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان فون تي ڳالهين جي دوران چيو ته آمريڪا ماضي ۾ ٽٽل واعدن، تڪراري موقف ۽ فوجي جارحيت جي ذريعي سفارتڪاري کي هر ڀيري نقصان پهچائيندو رهيو آهي. پر انهي جي باوجود ايران پاڪستان جي ٽياڪڙي ۾ ٿيل ڳالهين ۾ سنجيدگي سان شريڪ آهي.ايراني پرڏيهي وزارت موجب گوتريس ڪنهن به رياست جي خودمختاري جي خلاف طاقت جي استعمال کي رد ڪيو ۽ خطي ۾ استحڪام جي بحالي لاءِ سفارتي عمل جاري رکڻ تي زور ڏنو










