2 مريضن پاران خدا واسطي علاج ڪرائي زندگي بچائڻ جي اپيل

ڪراچي( نمائندن وٽان) سنڌ حڪومت جي بي ڌياني ۽ غلط ترجيحات سبب سنڌ جي اڪثر آبادي صحت جي بنيادي سهولتن کان محروم آهي ۽ لکين ماڻهون هيپاٽائيٽس ۾ مبتلا هئڻ بعد هاڻي ايدز جو مرض ڦهلجندو ٿو وڃي ۽ روزانو مختلف شهرن مان ايڊز وائرس جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن. اهڙي صورتحال م روز ميڊيا ۾ ڪينسر جي مرض ۾ مبتلا مريضن جو به انگ وڌي رهيو آهي. حڪومت جي فراهم ڪيل سهولتن کان مايوس ٿي ڪيترائي مريض خدا ڪارڻ ڀلاري مهيني ۾ سرندي وارن کي زندگي بچائڻ جون اپيلون ڪري رهيا آهن. اهڙا ئي 2 ڪيس عمر ڪوٽ ۽ ميرپور ماٿيلو مان سامهون آيا آهن. عمر ڪوٽ مان نمائندي موجب هڪ گريجوئيٽ نوجوان پورهيت 9 سالن کان پراسرار بيماري ۾ مبتلا آهي ۽ بستري ڀيڙو آهي. شھر جي لال ملوڪ اوڏ پاڙي جو رھواسي ھريش ڪمار پٽ ساجن اوڏ جي امڙ ميڊيا ذريعي سرندي وارن کي اپيل ڪئي آهي ته سندس بچڙي جي حياتي بچائي وڃي.

هوڏانهن ميرپور ماٿيلو مان پڻ نمائندي موجب هڪ پوليس اهلڪار جگر جي بيماري سبب بستر ڀيڙو آهي. سپاهي غلام علي وسير گهمڻ ڦرڻ کان لاچار آهي ۽ پوليس کاتي به سندس سار ناهي لڌي. هن پڻ وس وارن ۽ خاص ڪري آءِ جي سنڌ کي اپيل ڪئي آهي ته پوليس جي سوشل ويلفيئر فنڊز مان سندس علاج ڪرايو وڃي. هنن جو چوڻ آهي ته کين وفاقي حڪومت هيلٿ ڪارڊ جاري ڪري ته به سندن زندگي بچي سگهي ٿي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو