موٽر سائيڪل ۽ 2 سولر پليٽون برآمد، 2 چور گرفتار

عادلپور )اسلم آزاد ) پوليس ٻن چورن اڪبر چاچڙ ۽ صدام چاچڙ کي گرفتار ڪري هنن وٽان ٻه سولر پليٽون ۽ ھڪ موٽر سائيڪل ھٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. عادلپور ٿاڻي تي سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. پوليس معمول جي گشت دوران ڌارو حماد ديھ دڙي وٽ ٻنهي کي روڪي تلاشي ورتي ته هنن وٽان ھڪ بندوق، ھڪ پسٽل ۽ ڇھ گوليون برآمد ٿيون. پوليس کين گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ۽ پڇا ڳاڇا ڪئي ته هنن ٻه سولر پليٽون ۽ ھڪ موٽرسائيڪل جي چوري به باسي ۽ پوليس اهي به کانئن برآمد ڪري ورتيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو