2 خودڪش بمبار سکر ۾ داخل ٿي چڪا آھن،گھرو وزارت

سکر(بيورو رپورٽ) گھرو وزارت سنڌ طرفان ھڪ ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان رينجرز سنڌ، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ ايڊيشنل آ ءِ جي سکر ڏانھن ليٽر لکيو آھي، جنھن ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ 2 خودڪش بمبار سکر ۾ داخل ٿي چڪا آھن، افغانستان مان پاڪستان ۾ داخل ٿيل دھشتگردن اسٽيشن روڊ سکر تي واقع بابو نالي شخص جي گھر ۾ رھائش پڻ اختيار ڪئي ھئي، جيڪي خودڪش حملي جو ارادو رکن ٿا. ذريعن موجب اھڙي اطلاع تي بابو نالي شخص جي گرفتاري لاءِ ٻڌايل ھنڌ تي پوليس سيڪيورٽي لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان ڪاروائي ڪئي پر ڄاڻايل شخص فرار ٿي ويو آھي. ذريعن موجب پوليس ڄاڻايل ھنڌ تان ڪجهه شڪي ماڻھن کي پنھنجي تحويل ۾ ورتو آھي، جن کان پڇا ڳاڇا وارو عمل جاري آھي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو