1973ع جي آئين ۾ بنيادي حق“ جي موضوع تي سيمينار

1973ع جي آئين ۾ بنيادي حق“ جي موضوع تي سيمينار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي پاران منعقد ڪيل سيمينار ۾ شريڪ سياسي توڙي سماجي شخصيتن پاڪستان کي درپيش سمورن مسئلن جو واحد حل 1973ع جي آئين تي مڪمل عملدرآمد کي قرار ڏيندي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کان مطالبو ڪيو آهي ته متحرڪ جمهوريت ۽ متوازن سماج جوڙڻ لاءِ آئين جي سبجيڪٽ کي تعليمي نصاب جو حصو بڻايو وڃي. 1973ع جي آئين جي گولڊن جوبلي تقريب جي سلسلي ۾ سنڌ جي انساني حقن واري کاتي پاران ”1973ع جي آئين ۾ بنيادي حق“ جي موضوع تي مقامي هوٽل ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو، وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن بابت خاص مددگار سريندر ولاسائي، انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري سنڌ جاويد صبغت الله مهر، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ايم حسن اڪبر، ظفر الله خان ايڊووڪيٽ، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ڪلپنا ديوي، هيومن رائيٽس ڪميشن سنڌ جي چيئرمين اقبال ڏيٿو، اڳوڻي صوبائي سيڪريٽري عبدالرحيم سومري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. سيمينار کي خطاب ڪندي وڏي وزير جي انساني حقن بابت اسپيشل اسسٽنٽ سريندر ولاسائي چيو ته پنجاهه سال اڳ 10 اپريل تي ان وقت جي وزيراعظم شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي قيادت ۾ پاڪستان 1973ع جو آئين منظور ڪري جمهوري عمل جي شروعات ڪئي هئي، جيڪو ملڪ ۾ استحڪام ۽ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ هڪ جامع ۽ ٺوس فريم ورڪ فراهم ڪرڻ لاءِ هڪ اهم قدم هو. هن چيو ته 1973ع جو آئين هڪ تاريخي دستاويز آهي جنهن ملڪ ۾ وفاقي سياست، جمهوري طرز حڪومت، مالي انصاف ۽ ادارن جي وچ ۾ اختيارن جي توازن جو بنيادي ڍانچو قائم ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته 1973ع جو آئين انهن سمورن بنيادي انساني حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، جيڪي انساني حقن جي عالمي پڌرنامي ۽ گڏيل قومن جي ڪنوينشن ۾ بنيادي انساني حقن جي حوالي سان ڏنل آهن. سريندر ولاسائي تاريخي حوالا ڏيندي چيو ته شهيد محترمه بينظير ڀٽو آئين جي تحفظ ۽ ان جي تقدس لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪئي، جڏهن ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري 1973ع جي آئين کي اصل شڪل ۾ بحال ڪرايو. هن وڌيڪ چيو ته پي پي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ ۾ جمهوري استحڪام ۽ حقيقي وفاقي روح کي قائم ڪرڻ لاءِ آئين ۽ بنيادي حقن تي پختي يقين جو اظهار ڪندو رهيو آهي. سيمينار کي خطاب ڪندي مهمان خاص ۽ پي پي پي سنڌ جي صدر سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته ملڪ جي تاريخ ٻن دورن ۾ ورهايل آهي، جن مان هڪ غير آئيني دور ۽ ٻيو آئيني دور آهي. هن چيو ته غير آئيني دور ۾ عوام کي ووٽ جي حق کان محروم ڪيو ويو ۽ ملڪ ٺاهيندڙن جي توهين ڪئي وئي. هن چيو ته آئيني دور جي شروعات کان ئي سياستدانن ڏاهپ جو مظاهرو ڪيو ۽ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي اهميت کي سمجهندي آئينن سازي واري عمل جي قيادت ڪئي، جڏهن ته ٻين اڳواڻن به آئين سازي جي عمل ۾ سهڪار ڪيو. سينيٽر نثار احمد کهڙو چيو ته آرٽيڪل 58 ٽو بي پڻ بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي هو، ڇاڪاڻ ته عوام جي ووٽن سان چونڊيل حڪومت کي هڪ فرد پاران هٽائڻ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙي آهي. هن چيو ته هن وقت تائين آمريتن جي شڪل ۾ آئين تي ٻه حملا ٿي چڪا آهن، جڏهن ته آئين جي خاطر ڪيترن ئي ماڻهن قربانيون ڏنيون آهن. هن انساني حقن واري کاتي تي زور ڏنو ته هو آئين جو سبجيڪٽ تعليمي نصاب ۾ شامل ڪرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري صبغت الله مهر چيو ته سندس کاتو صوبي ۾ انساني حقن جي فروغ ۽ تحفظ جي حوالي سان پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ سان گڏوگڏ سمورن لاڳاپيل ادارن ۽ اسٽيڪ هولڊرز وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته سندس کاتي پاران سيمينار، تربيتي ورڪشاپ ۽ ٻين اهڙن قدمن ذريعي سماج ۾ انساني حقن بابت شعور کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو