لاهور(ويب ڊيسڪ)معطل ٿيل سيڪريٽري اسيمبلي پنجاب اسيمبلي اندر ۽ ٻاهر پوليس ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو. معطل ٿيل سيڪريٽري اسيمبلي محمد خان ڀٽي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب کي خط لکيو آهي جيڪو سامهون آيو آهي. معطل ٿيل سيڪريٽري 16 اپريل تي اسيمبلي ٻاهران فلور پوليس جي ڪارروائي کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته خط ۾ پوليس ۽ انتظامي آفيسرن جي نالن جا تفصيل به طلب ڪيا ويا آهن. خط ۾ چيو ويو آهي ته 16 اپريل تي اسيمبلي ۾ مقرر آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. خط ۾ ڊپٽي اسپيڪر تي تشدد ڪندڙ پارليامينٽ جي حڪومتي ميمبرن بابت به وضاحت طلب ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري معطل ٿيل سيڪريٽري جي خط کي غير قانوني قرار ڏيندي چيو آهي ته محمد خان ڀٽي کي معطل ڪري سندس خلاف جاچ هلي رهي آهي.










