اسلام آباد)بيورو رپورٽ) 16 آگسٽ کان پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.ذريعن موجب پيٽرول جي قيمت ۾ 8 رپيا 36 پئسا ۽ ڊيزل 7 رپيا 70 پئسا في ليٽر سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.ان کان علاوه لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 4 رپيا 49 پئسا ۽ گاسليٽ جي قيمت ۾ 7 رپيا 71 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو امڪان آهي.سرڪاري ذريعن موجب پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو وڏو سبب وڏين معيشتن پاران گهٽ واپرائڻ آهي، جڏهن ته 16 آگسٽ کي اڃا ٽي ڏينهن باقي آهن ۽ پي ايل او جي قيمتن ۾ وڌيڪ اتارچڙ ڏسي سگهجي ٿو.










