جهڏو ( ن س) جھڏو ويجهو گهگهه موري ۾ 15 ورهين جي نينگر پرسو پٽ ڀاوو ڪولهي جو ڪپڙن کان آجو ٿيل وونئڻن جي فصل مان لاش هٿ آيو، اطلاع تي جهڏو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي جهڏو اسپتال منتقل ڪيو، نينگر جي وارثن موجب ته نينگر گذريل شام کان گهر نه آيو هو اڄ صبح مقامي زميندار لال بخش لغاري جي ٻني مان ڳوٺاڻن نينگر جو ڪپڙن کان آجو لاش ڏٺو، هنن چيو ته گذريل ڏينهن ڪبوتر جهلڻ واري ڳالھ تان نينگر جي سندس ئي هم عمر مائٽ گووند ڪولهي سان منهن ماري ٿي هئي جنهن نينگر کي ڌمڪيون ڏنيون هيون جنهن بعد نينگر ڪالھ گهر جو سامان وٺڻ لاءِ ويو هو جنهن بعد مسلسل گم هو اسان سڄي رات نينگر جي ڳولا ڪئي اڄ صبح جو نينگر جو لاش ٻني مان هٿ آيو آهي جنهن جي شلوار لٿل آهي نينگر کي ذيادتي بعد قتل ڪيو ويو آهي، ٻي طرف جهڏو پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار گوند ولد پونيو ڪولهي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او جهڏو شاهنواز خاصخيلي ٻڌايو ته مامري جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي هن ڏوھ ۾ ملوث جوابدار خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي.
