15 غريب ۽ مستحق جوڙن جي اجتماعي شادي ٿي گذري

نوابشاهه (اي ڪي ڏاهري) گريجوئيٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان ۽ الهدا ٽرسٽ جي ميزباني هيٺ نوابشاهه جي هڪ مقامي شادي هال ۾ غريب ۽ مستحق جوڙن جي اجتمائي شادين جو پروگرام رکيو ويو جنهن ۾ 15 غريب ۽ مستحق جوڙن جي شادي ڪرائي وئي. جوڙن گهوٽ قربان شر، مرتضيٰ شر، امجد خاصخيلي، سيد صفدر شاھ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان اڄ تمام گهڻا خوش آهيون ۽ شڪر گذار آهيون انهن تنظيمن جا جن اسان جي مدد ڪري اسان کي سنت محمدي موجب اسان جو نڪاح ڪرايو. تنظيمن جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته غريب ۽ مستحق جوڙن جي شادي ڪرائڻ هڪ فلاحي ڪم آهي ان سان اسان کي دلي سڪون ملندو آهي. سندن وڌيڪ چوڻ هو ته اسان جي پوري پاڪستان جي مخير حضرات کي گذارش آهي ته هو ان فلاحي ڪم ۾ اسان جو ساٿ ڏين. گريجوئيٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان ۽ الھدا ٽرسٽ جي هن تقريب ۾ ڊاڪٽر رفيق ميمڻ، ڊاڪٽر اسحاق چنڙ، غلام مصطفيٰ ٻگهيو، اخلاق حسين شر، اسلم نوري، بختيار چنا، حسين چنا، صالح بلو، قيوم قريشي ۽ ٻين سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو