غوثپور (ن سنڌيار) غوثپور شهر جي دولي چوڪ واري پاڙي مان 14ورھين جي ھندو ناري مسڪان ڌيءَ راجيش ڪمار کي اڻ ڄاتل اغوا ڪار اغوا ڪري ويا. اغوا ڪار گھر جو دروازو کڙڪايو ته ناري دروازو کوليو ته اغوا ڪار زبردستي اغوا ڪري ڪار ۾ کڻي ويا۔ وارثن جو موقف۔ نينگري جي والد راجڪمار رابطي ڪرڻ تي روزاني سنڌ يار کي ٻڌايو ته مان پنھنجي زال کي سکر ڊاڪٽر کي معائنو ڪرائڻ لا۽ وٺي ويس ته پويان ڪنھن اڻ ڄاتل ماڻھو گھر جو دروازو کڙڪايو ۽ منھنجي نينگري جيئن ئي ويجھو آئي ته کيس ڪار ۾ ويھاري اغوا ڪري ويا۔ اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي اغوا ڪارن بابت معلومات ھٿ ڪري تفصيل ملڻ بعد سندس موبائيل فون ٽريسنگ ذريعي ڳولھا شروع ڪري ڇڏي آھي۔ اغوا جي واقعي جي خبر باھ جيان پوري شھر ۾ پکڙجي ويئي ۽ سندس ماء کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا. واقعي بعد شھر جي ھندو برادري ۾ پڻ سخت خوف پکڙجي ويو آھي۔ٻئي پاسي ھندو پئنچايت جي صدر مکي سريش لال۔ چوڌري رميش ڪمار۔ نارائڻ ناز۔ سشيل بالاڻي ۽ ٻين ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ڪيو آھي ته نينگري جي بازيابي کي يقيني بڻائي ھندو برادري ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي۔۔










