اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي گادي واري شهر جي ڳتيل آبادي واري علائقي بهاره ڪهو ۾ ڦورو هڪ شهري کان 14 هزار سعودي ريال ۽ پاسپورٽ ڦري ويا. اڄڪلهه هڪ سعودي ريال 75.83 روپين جو آهي ۽ ان حساب سان اها ڪل رقم 10 لک 61 هزار 620 روپين برابر آهي. ٿاڻي تي داخل ڪيل درخواست ۾ شهري ڄاڻايو آهي ته 13 سالن بعد وطن موٽيو آهي. هن چيو ته ٽي ڄڻا پوليس وردي ۾ وائرليس سيٽ کڻي سندس وٽ پهتا ۽ جانچ جي نالي کائنس پيسا ڦري ويا آهن.










