13 ڪروڙ 49 لک 49 هزار 984  رجسٽرڊ ووٽر،انگ اکر جاري

13 ڪروڙ 49 لک 49 هزار 984 رجسٽرڊ ووٽر،انگ اکر جاري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان پاڪستان ۾ رجسٽرڊ ووٽرن جا تازا انگ اکر جاري ڪيا ويا آهن.اليڪشن ڪميشن موجب پاڪستان ۾ رجسٽرد ووٽرن جو انگ 13 ڪروڙ 49 لک 49 هزار 984 ٿي ويو آهي.پنجاب ۾ ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 68 لک 12 هزار 589 ٿي ويو، سنڌ ۾ ووٽرن جو انگ ٻه ڪروڙ 82 لک 87 هزار 201 ٿي ويو آهي.اهڙي ريت خيبر پختونخواهه ۾ ووٽرن جو انگ ٻه ڪروڙ 23 لک 321، بلوچستان ۾ 56 لک 38 هزار 84 ۽ اسلام آباد ۾ ووٽرن جو انگ 12 لک 11 هزار 897 ٿي ويو آهي.اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ مرد ووٽرن جو انگ 7 ڪروڙ 23 لک 54 هزار 182 ۽ عورت ووٽرن جو انگ 6 ڪروڙ 25 لک 95 هزار 802 ٿي ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو