12 لک ماڻھن کي ڪورونا وئڪسين لڳي چڪي آهي،اسد عمر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو ڪورونا کان بچاءَ لاءِ هڪ لک شهرين جي وئڪسينيشن: وفاقي وزير اسد عمر دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل ڏينهن هڪ لک 17 هزار 852 شهرين کي وئڪسين لڳائي وئي، هيل تائين 21 لک ماڻهن کي وئڪسين لڳي چڪي آهي، 40سال يا ان کان وڏي عمر جا شهري وئڪسينيشن لاءِ فوري طور رجسٽريشن ڪرائين: ڪراچي ۾ 3 مهينن دوران هڪ سيڪڙو کان به گهٽ شهرين کي وئڪسين لڳي سگهي، صوبي جَي ٻين شهرن ۾ صورتحال اِن کان به وڌيڪ خراب، ڪراچي ۾ 51 هزار، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين شهرن ۾ رڳو 13 هزار شهرين کي ڪورونا وئڪسين جا 2 ڊوز لڳايا ويا، صوبي ۾ سنگل ڊوز لڳرائيندڙن جو انگ هڪ لک 59هزار آهي، جن مان هڪ لک 20 هزار شهري ڪراچي واسي آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو