غوثپور (ن س ) غوثپور۔ شھر ڀرسان ڳوٺ مير واحد بخش بجاراڻي جو رھواسي 12 ورھين جو نينگر مقبول ميراڻي گذريل ڏينھن کان پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي وارثن پاران سندس جي مٽن مائٽن ڏي ڳولھا ڪرڻ باوجود نينگر جو هن وقت تائين پتو نه پئجي سگھيو آهي جنھن بعد وارثن پاران نينگر جي اغوا جو شڪ ظاھر ڪندي غوثپور ٿاڻي تي پهچي واقعي جي اين سي داخل ڪري ڪرائي ڇڏي آهي پوليس اين سي داخل ڪرڻ بعد جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي پر هن وقت تائين پوليس نينگر جو ڪو به پتو ناهي لڳائي سگهي جنهن سبب نينگر جي گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي۔ رابطي ڪرڻ تي نينگر جي چاچي قدرت الله ميراڻي ٻڌايو ته نينگر ڳوٺ جي لاڙي تي ٿاڌل جي دوڪان تي پورھيو ڪندو ھيو ۽ ڪالھ منجھند جو ھڪ وڳي ماني جي موڪل وٺي گھر روانو ٿيو پر گھر نه پھتو۔ وارثن پاران ڪالھ کان ڳولھا جاري آھي پر نينگر جو پتو نه پئجي سگھيو آھي شڪ آھي ته کيس اغوا ڪيو ويو آھي۔
