104 نيب ريفرنس فعال عدالتن ڏانهن منتقل

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب ريفرنسز جلد اڪلائڻ بابت درخواست تي 104 نيب ريفرنس خالي عدالتن ڏانهن فعال عدالتن ۾ منتقل ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي.جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ 5 صفحن تي ٻڌل لکت جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي موجب عدالتي رڪارڊ مان خبر پئي ته احتساب عدالت جي منظم جج به خالي عدالتن مان ريفرنس منتقلي جو چيو هو.احتساب عدالتن جي منتظم جج چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کي ان حوالي سان آگاهه ڪيو هو ته جيڪي احتساب عدالتون خالي آهن ۽ انهن ۾ ججز موجود آهن انهن ۾ ٻڌڻي هيٺ ريفرنسز منتقل ڪيا وڃن. ريفرنسز جي منتقلي جي حوالي سان نيب پراسيڪيوٽر طرفان به ڪو اعتراض نه ڪيو ويو آهي. احتساب عدالت نمبر 3 مان 7 ريفرنسز عدالت نمبر 6 ڏانهن منتقل ڪيا ويا.احتساب عدالت نمبر 3 کان 19 ريفرنسز عدالت نمبر 7 ڪلفٽن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال خلاف به ريفرنسز به احتساب عدالت نمبر 7 ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن. احتساب عدالت نمبر هڪ سکر کان 57 ريفرنسز عدالت نمبر 3 ڏانهن منتقل ڪيا ويندا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو