اسلام آباد(بيورو)صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل 10 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ بابت ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي (ڊريپ) جي سمري رد ڪري ڇڏي.صحت واري وزارت موجب ڊريپ 10 دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جي سمري صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل کي موڪلي هئي.صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر قادر پٽيل جو چوڻ آهي ته هو دوائن جي قيمتن ۾ واڌ جو بار غريب عوام تي نه وجهندا، هو دوائن جا اگهه ضرور نه وڌائيندا.عبدالقادر پٽيل چيو ته غير رجسٽرڊ جعلي دوائون وڪرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو پيو وڃي، منظور ٿيل قيمت کان وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.










