ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سرجاني پوليس 10 سالن جي ٻار کي تشدد ڪري قتل ڪندڙ پيءُ ۽ چاچي کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس اختيارين موجب، 10 سالن جو حيدر ولد اظهر گذريل ڏينهن پنهنجي ماءُ جي گهر تان پيءُ جي گهر آيو هو، ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ گهرو تڪرار سبب پيءُ ۽ چاچي ٻار کي ماءُ جي گهر وڃڻ تان تشدد جو نشانو بڻايو.پوليس اطلاع ملندي ئي فوري ڪارروائي ڪندي تشدد ڪندڙ پيءُ ۽ چاچي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو، تشدد ۾ استعمال ٿيندڙ اوزار (آلي قتل) جي برآمدگي لاءِ ڪارروائي جاري آهي. پوليس جو ٻڌائڻ آهي ته قانوني ڪارروائي پڻ عمل ۾ آندي پئي وڃي، گرفتار جوابدارن ۾ ٻار جو پيءُ اظهر ۽ چاچو سلطان شامل آهن.










