10 مهينن جي مقابلي ۾ هن سال ترسيل 3 سيڪڙو واڌ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال ترسيلون مالي سال جي پهرين 10 مهينن جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهن.مرڪزي بئنڪ جي بيان ۾ اپريل ۾ اوورسيز پاڪستانين پاران موڪليل رقم جا تفصيل جاري ڪيا ويا.اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته اوورسيز پاڪستانين اپريل ۾ 2.8 بلين ڊالر گهر موڪليا، گذريل سال اپريل جي ڀيٽ ۾ هن اپريل ۾ مزدورن جي موڪلن ۾ 28 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.مرڪزي بئنڪ وڌيڪ چيو ته مالي سال جي پهرين 10 مهينن ۾ پاڪستاني ڪارڪنن 23.8 بلين ڊالر پاڪستان موڪليا آهن جڏهن ته هلندڙ سال ترسيل رقم مالي سال جي پهرين 10 مهينن جي ڀيٽ ۾ 3 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو