screen shot photo AFP

10 سالن کان پوءِ پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ 10 سالن بعد پاڪستان ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي واپسي جو اعلان ڪندي پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. پي سي بي طرفان جاري ٿيندڙ پريس رليز مطابق پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ کيڏجندڙ ٽيسٽ سيريز جون پهريون ميچ 11 کان 15 ڊسمبر تائين پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم، جڏهن ته ٻيو 19 کان 23 ڊسمبر تائين نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ کيڏيو ويندو. سريلنڪا ٻن ٽيسٽ ميچن تي مشتمل سيريز لاءِ هلندڙ سال آڪٽومبر ۾ ۽ پوءِ ڊسمبر ۾ وائٽ بال ڪرڪيٽ لاءِ اچڻو هو ليڪن سريلنڪا سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ محدود فارميٽ جي سيريز کي ٽيسٽ ميچ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو هو. پي سي بي مطابق سريلنڪا جي ٽيم پاڪستان ۾ هڪ ڏينهن واري ميچ ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن تي مشتمل سيريز جي ڪاميابي کان پوءِ مستقبل ٽوئرز پروگرام تحت ٽيسٽ جي شيڊول جي تصديق ڪئي آهي. واضح رهي ته 2009 ۾ سريلڪنڪن ٽيم تي لاهور ۾ ٿيندڙ دهشتگرد حملي کان پوءِ پاڪستان پنهنجي سرزمين تي ڪنهن به ٽيسٽ ميچ جي ميزباني نه ڪري سگهيو هو جنهن کان پوءِ پاڪستان پنهنجون سڀئي سيريزون متحده عرب امارات جي نيوٽرل مقام تي کيڏڻيون پيون جتي سيريز ڪرائڻ تي پي سي بي وڏي تعداد ۾ رقم خرچ ڪندي هئي ۽ انهيءَ سبب جي ڪري بورڊ هڪ عرصي کان غير ملڪي ٽيمن کي پاڪستان اچي کيڏڻ لاءِ آمادهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪندورهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو