آئين جي دفاع تي گاريون ٿيون ملن پر ڪم جاري رکبو، چيف جسٽس

آئين جي دفاع تي گاريون ٿيون ملن پر ڪم جاري رکبو، چيف جسٽس

اسلام آباد: (بيورو) چيف جسٽس پاڪستان عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا آهن ته 10 کان 15 هزار ماڻهو گڏ ڪري عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ٿي ته پوءِ اسان فيصلا ڇو ڏيون.؟ رپورٽ موجب چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ 63اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان درخواست ڏني ته نئين اٽارني جنرل جي مقرري جو انتظار ڪريو.چيف جسٽس چيو ته صدارتي ريفرنس ۾ اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿي ويا هئا منهنجي خيال ۾ اسان کي صدارتي ريفرنس کي هلائڻ گهرجي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته 10 کان 15 هزار ماڻهو گڏ ڪري عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪئي وڃي ته پوءِ اسان فيصلو ڇو ڏيون. اهڙن فيصلن جو احترام چاهيون ٿا. عدالت پنهنجو آئيني ڪم انجام ڏئي رهي آهي. قومي اڳواڻن کي عدالتي فيصلن جو دفاع ڪرڻ گهرجي. آئيني تحفظ تي گاريون ڏنيون وينديون آهن ان باوجود اسان پنهنجو ڪم جاري رکنداسين. عدالت ڇو اوهان جي سياسي معاملن ۾ پوي.ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد دليل ڏنا ته ووٽ پارٽي جي امانت هوندو آهي. پئسا ڏئي ضمير نٿو وڪرو ڪري سگهجي. پئسا ڏئي ته اسيمبلي ميمبرن کان ملڪ مخالف قانونسازي به ڪرائي سگهجي ٿي. پنجاب ۾ جيڪي حالتون آهن اهي سڀني جي سامهون آهن. سمورا اسٽيڪ هولڊرز عدالت طرف ڏسي رهيا آهن. هاڻ ته باغي ميمبر به عوام ۾ نٿا وڃي سگهن. سينيٽ چونڊن کان پوءِ به ووٽ وڪرو ٿي رهيا آهن.جسٽس جمال خان مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ته باغي جي اجازت هجي ڪجهه چاهين ٿا ته نه هجي؟ اڄڪلهه آسان طريقو آهي ته 10 هزار ماڻهو گڏ ڪري چئو ته مان نٿو مڃان. پارليامينٽ تاحيات نااهلي جو واضح ناهي لکيو. پارليامينٽ اهو ڄاڻي واڻي ناهي لکيو يا غلطي سان ناهي لکيو ويو. پارليامينٽ موجود آهي. ٻيهر ان جي سامهون معاملو پيش ڪريو. عدالت جي مٿان ڇو پيو وڏو وڃي. پارليامينٽ کي پاڻ ترميم ڪرڻ ڏيو.چيف جسٽس چيو ته سياسي پارٽين کي چئن صورتن ۾ آرٽيڪل 63 ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي. ضياءُالحق پارٽي کان ناراض ميمبرن تي پابندي جي شق آئين مان ڪڍي ڇڏي هئي. 2010 ۾ 18هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 63 اي شامل ڪيو ويو. آئين جي ڀڃڪڙي ننڍي ڳالهه نه آهي. ڪيترائي ماڻهو آئين جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 تي هليا ويندا آهن. آرٽيڪل 63 اي جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 جو ڪيس نٿو ٺهي. عدالت فيصلو ڪندي ته آئين کان انحراف جو ڪهڙو نتيجو نڪرندو. آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ يا پنهنجي خوشي سان ويندڙن کي قيمت ادا ڪرڻي پوندي. جسٽس جمال خان پڇاڻو ڪيو ته ڇا عدالت پنهنجي طرفان تاحيات نااهلي شامل ڪري سگهي ٿي. ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد دليل مڪمل ڪندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح عدالت تاحيات نااهل قرار ڏئي چڪي آهي. جنهن کان پوءِ عدالت ٻڌڻي سڀاڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو