1 قومي ۽ 2 صوبائي سيٽن جا نتيجا روڪيا ويا، ٻيهر پولنگ جو حڪم

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 88 خوشاب، سنڌ اسيمبلي جي تڪ پي ايس 18 گهوٽڪي ۽ خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي تڪ پي ڪي 90 ڪوهاٽ جي ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ مواد جي ڦرلٽ يا دهشتگردي جي واقعن سبب پولنگ 15 فيبروري تي ملتوي ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو. جڏهن ته لاڳاپيل تڪن جا نتيجا روڪيا ويا.ترجمان موجب پولنگ مواد چوري يا ضايع ٿيڻ تي لاڳاپيل پولنگ اسٽيشنن تي 15 فيبروري تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي.پولنگ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ 15 فيبروري تي تڪن جي نتيجن جو اعلان ڪيو ويندو.اين اي 88 خوشاب جي 26 پولنگ اسٽيشنن جو پولنگ مواد رٽرننگ آفيسر جي آفيس ۾ موجود ماڻهن پاران ساڙي ڇڏيو، انهن 26 پولنگ اسٽيشنن تي 15 فيبروري تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو ويو آهي.پي ايس 18 گهوٽڪي جي ٻن پولنگ اسٽيشنن جو پولنگ مواد نامعلوم ماڻهن چوري ڪري ورتو، انهن ٻن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ 15 فيبروري تي ٿيندي.پي ڪي 90 ڪوهاٽ ۾ دهشتگردن 15 پولنگ اسٽيشنن جو پولنگ مواد تباهه ڪيو، انهن 25 پولنگ اسٽيشنن تي 15 فيبروري تي ٻيهر پولنگ جو حڪم پڻ ڏنو ويو آهي.ترجمان موجب ريجنل اليڪشن ڪمشنر کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو اين اي 242 ڪراچي جي پولنگ اسٽيشن تي ڀڃ ڊاهه جي شڪايت جي جاچ ڪري ٽن ڏينهن اندر رپورٽ ڪميشن کي پيش ڪن.

پهنجو تبصرو موڪليو