ھر شھري جي شڪايت کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جو هدايتون

ھر شھري جي شڪايت کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جو هدايتون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير جي ھدايت سي ايم ھائوس پبلڪڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي خدمت جو سلسلو جاري آھي. اُن سلسلي ۾ سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ سي ايم ھائوس پبلڪڪمپلينٽ سيل جو دورو ڪيو، جتي ھُن شھرين جي شڪايتون سڌي ريت ٻڌيون ۽ فون تي به عوام جا مسئلا دريافت ڪيا. ھن لاڳاپيل ادارن کي شڪايتن جي ترت ازالي ۽ اثرائتي ڪارروائي جون ھدايتون ڏيندي چيو ته وزير اعليٰ سنڌ جي وداضح ھدايت آھي ته ھر شھري جي شڪايت کي اوليتي بنيادن تي حل ڪيو وڃي. ھن چيو ته عوام جي خدمت پاڪستان پيپلز پارٽي جو بنيادي مقصد آھي ۽ اسان ڪنهنبه شھري کي مايوسٿيڻنهڏينداسين. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته وڏو وزير چاھي ٿوته عوام جا مسئلا وقت سر حل ٿين ۽ ھر شڪايت تي اثرائتو عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي جڏھنته سي ايم ھائوس پبلڪڪمپلينٽ سيل عوام ۽ حڪومت جي وچ ۾ ھڪ اثرائتي رابطي جو ذريعو بڻجي چُڪو آھي. ھنٻڌايوته وزير اعليٰ سنڌ جي ھدايت تي وزير ۽ عوامي نمائندا واري واري پبلڪڪمپلينٽ سيل ۾ اچي شھرين جون شڪايتونٻڌندا آھن ۽ اُنهن مسئلن جي حل کي يقيني بڻائيندا آھن. ھن انتظاميه کي ھدايتون ڏنيونته شھرين جي مسئلن جو فوري، شفاف ۽ اثرائتو حل فراھم ڪيو وڃي. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سي ايم ھائوس پبلڪڪمپلينٽ سيل ۾ عوامي شڪايتن جي ازالي جي لاءِ ھڪ اثرائتو نظام قائم ڪيو ويو آھي ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ھدايتن تي سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست پاليسين تي عمل ڪري رھيو آھي. ھن شھرين کي اپيل ڪئيته اُھي پنهنجون شڪايتونٽول فري نمبر 0800-91915 يا پبلڪڪمپلينٽ سيل جي نمبرن 021-99202047، 021-99207349 ۽ 021-99207568 تي درج ڪرائي سگھن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو