اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ڳڻت واري وفاقي کاتي مردمشماري جي آخري تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر واڌ ڪري ڇڏي. مردمشماري ۾ پندرهن مئي تائين واڌ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي. ڪراچي ۾ ملير، ڪياماڙي، اوڀر ۽ اولهه سميت مختلف ضلعن ۾ پندرهن مئي تائين ڪم جاري رهندو. ٺٽي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ به پندرهن مئي تائين مردمشماري جو ڪم جاري رهندو.پڌرائي موجب ڪراچي جي آبادي هن وقت تائين هڪ ڪروڙ ڇاهتر لک اڻاسي هزار تي ٻڌل آهي.










