گمبٽ(ن س) گمبٽ ڀر سان ڳوٺ الهه بخش بگٽي واسي عورتن ۽ مردن جو بااثرن جي ظلمن خلاف احتجاج، بااثر ڌيءَ کي اغوا ڪري ويا آهن، کهڙا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آهي پر پوليس مدد نه ٿي ڪري. ان موقعي تي احتجاج ڪندي مسمات مکڻ خاتون بگٽي، طارق حسين،پهلوان بگٽي ۽ ٻين جو چوڻ هو ته فريده خاتون بگٽي جي هڪ سال اڳ عبدالغفور بگٽي سان شادي ٿي هئي سندس مڙس نياڻي تي تشدد ۽ ظلم ڪندو هو نياڻي تي تشدد سبب اکين جي نور کان محروم ٿي وئي آهي. جوابدار زبردستي ڌيءَ گھران اغوا ڪري کڻي ويو آهي. طلاق جو عدالت سڳوري ۾ ڪيس هلندڙ آهي. جوابدار ٻئي 12 سالن جي نياڻي هوران خاتون بگٽي کي اغوا ڪرڻ ۽ قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اهڙي اين سي کهڙا ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر کهڙا پوليس بااثر جوابدارن سان ٻٽ بڻيل آهي ۽ انصاف نه پيو ٿئي جوابدارن مان جاني مالي نقصان جو خطرو آهي. احتجاج ڪندڙ بگٽي برادري جي عورتن ۽ مردن جو چوڻ هو ته جوابدار عبدالغفور بگٽي سميت ٻين کي گرفتار ڪري نياڻي واپس ڪرائي تحفظ ڏئي انصاف ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.










