غوثپور(عبدالنبي ملڪ) واپڊا وارن ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي ڪاٽي ڇڏي، متاثره ڳوٺاڻن جو احتجاج، بجلي بحال ڪرڻ جو مطالبو. پنج ڏينهن اڳ ڳوٺ مجاهد ڏاهاڻي ۾ جوءِ ۾ چرندڙ مال مٿان يارنهن هزار جي تار ڪرڻ سبب ٻه مينهون مري وڄڻ ۽ هڪ ماڻهون زخمي ٿيڻ واري خبر سنڌ يار نيوز ۾ هلڻ کان پوء ڪنڌڪوٽ جي دڙي فيڊر جو ايس ڊي او خالد باجڪاڻي ۽ لائين مين احمد ڀيو ڏمرجي پيا، ڳوٺ مجاهد ڏاهاڻي ,نصير خان ڀيو قياص ڀيو۽ حامد ملڪ سميت ڪيترن ئي ڳوٺن جي بجلي گذريل ٽن ڏينهن کان ڪاٽي ڇڏي جنهن سبب لڱ ساڙيندڙ گرمي هجڻ سبب ڳوٺاڻا سخت پريشان آهن. ڳوٺاڻن نصر الله ڀيو ۽ حافظ نياز ڀيو جي اڳواڻي ۾ دڙي فيڊر جي عملي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو عملدارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته عملي جي لاپروايهي سبب يارنهن هزار لائن ۾ هلڪي تار هجڻ ڪري ڪري پئي، جنهن سبب اسانجون ٻه ڀلوڙ مينهون مري ويون ڪنڌڪوٽ جي دڙي فيڊر جي اهڙي لا پرواهي سبب اسين دڙي فيڊر خلاف ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ته عملو ڏمرجي پيو ۽ اسانجي بجلي ڪاٽا ڪري ڇڏي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته مري ويل مال جو معاوضو ڏيو ۽ بجلي بحال ڪري عملي کي هٽائي قانوني ڪاروائي ڪئي وڃي.
مشهور خبرون










