گڏيل قومن جي جنگبندي ۾ ناڪامي، اسرائيل جي بمباري ۾ تيزي

گڏيل قومن جي جنگبندي ۾ ناڪامي، اسرائيل جي بمباري ۾ تيزي

غزه (ويب ڊيسڪ) جنگ بندي ۾ گڏيل قومن جي قرارداد آمريڪا پاران ويٽو ڪرڻ بعد اسرائيل پاران ڇنڇر تي خوفناڪ بمباري ۾ تيزا آڻي ڇڏي آهي. ڏهين هفتي ۾ داخل ٿيندڙ لڳاتار جنگ ڏکڻ غزا جي علائقي خان يونس ۽ آس پاس ۾ گهر گهر شروع ٿي وئي آهي. فلسطيني شهري سامونڊي ڪناري طرف پناهه وٺي رهيا آهن ۽ مصر جي بارڊر واري علائقي رفح جي آس پاس جمع ٿي رهيا آهن. ٻن مهينن کان جاري جنگ ۾ هن مهل تائين 17487 فلسطيني شهيد ٿي چڪا جن ۾ 7 هزار کان مٿي ٻارڙا شامل آهن. گڏيل قومن جنگ بندي جي ٺهراءَ بلاڪ ٿيڻ تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته غزه ٻارن جو قبرستان بڻجي ويو آهي ۽ بريڪنگ پوائنٽ تي پهچي ويو آهي. فلسطين اٿارٽي ۽ حماس جنگبندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي آمريڪا جي مذمت ڪندي چيو آهي ته اسرائيل جنگي ڏوهن جي انتها ڪندي هر عالمي قانون جي خلاف ورزي جو رڪارد ٽوڙي ڇڏيو آهي. حماس ڄاڻايو آهي ته ڇنڇر تي صبح جو ڏکڻ غزه جي شهر خان يونس تي اسرائيلي حملي ۾ ڇهه ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته رفح ۾ هڪ الڳ حملي ۾ پنج ڄڻا مارجي ويا آهن. غزه جا اڪثر علائقا ملبي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويا آهن ۽ گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته اٽڪل 80 سيڪڙو آبادي بي گهر ٿي چڪي آهي، کلي آسمان ۾هيٺ ويٺل ماڻهو امداد لاءِ ٻاڏائي رهيا آهن. خوراڪ، تيل، پاڻي ۽ دوائن جي سخت کوٽ آهي.ياد رهي ته 7 آڪٽوبر تي حماس جي حملن ۾ 1200 اسرائيلي مارجي ويا هئا ۽ 240 يرغمال بڻايا ويا هئا. جن مان ڪافي پوڙها، عورتون ۽ ٻار آزاد ڪيا ويا آهن. ياد رهي ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل اونٽونيو گوتريس پهريون ڀيرو خصوصي اختيار استعمال ڪندي انساني بنيادن تي فوري جنگ بندي لاءِ ٺهراءَ پيش ڪيو جنهن جي اڪثر ملڪن حمايت ڪئي پر آمريڪا ان کي ويٽو ڪري ڇڏيو. اسرائيل اڪثر اسپتالن کي تباه ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن ئي ڊاڪٽرن کي گرفتار ڪيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو