ڪالام ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

ڪالام ۾ ٻيڙي حادثي ۾ ٿيندڙ جاني نقصان تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيئرمين سينيٽ سيد يوسف رضا گيلاني سوات جي علائقي ڪالام ۾ پيش آيل ڏکوئيندڙ ٻيڙي جي حادثي جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.چيئرمين سينيٽ يوسف رضا گيلاني فوت ٿيل ماڻهن جي وارثن سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي مرحومن جي درجات جي بلندي، مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبرِ جميل جي دعا ڪئي. هن اترين علائقن (شمالي علائقن) ۾ شديد برساتن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ لينڊ سلائيڊنگ (پہاڙي ٽڪر ڪرن) جي ڪري ٿيندڙ جاني توڙي مالي نقصان تي پڻ گهري رنج ۽ غم جو اظهار ڪيو. هن متاثر ٿيل خاندانن سان دلي تعزيت ڪندي فوت ٿيلن لاءِ دعاءِ مغفرت اور زخمين جي جلد صحتيابيءَ جي دعا ڪئي. چيئرمين سينيٽ لاڳاپيل ادارن تي زور ڀريو ته متاثر علائقن ۾ امدادي ۽ بحاليءَ جي سرگرمين کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ته جيئن متاثرن کي هر ممڪن سهولت ۽ امداد وقت سر فراهم ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو