پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه ۾ گيس پريشر ۾ گهٽتائي سبب سڄي مهيني لاءِ سي اين جي اسٽيشنون بند ڪيون ويون. گئس پريشر ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي چيو ويو آهي ته صوبي ۾ اڄ کان 31 جنوري تائين ڪا به سي اين جي اسٽيشن نه هلندي.ٻئي طرف ڊپٽي ڪمشنر پشاور به خلاف ورزي ڪندڙن خلاف ڪارروائي جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان پابندي جو مقصد گهريلو صارفين کي گئس جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ آهي.










