گيس ليڪيج ڌماڪو، گهوٽ ڪنوار سميت 8 فوت

گيس ليڪيج ڌماڪو، گهوٽ ڪنوار سميت 8 فوت

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جي سيون ٽو ۾ شادي واري گهر ۾ گيس ليڪيج سبب ٿيل ڌماڪي ۾ گهوٽ ڪنوار سميت 8 ماڻهو فوت ٿي ويا۔
ڌماڪي جي نتيجي ۾ عمارت ڪري پئي، جنهن جي ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو۔ ڌماڪي سبب 4 گهر به متاثر ٿيا۔
چيئرمين سي ڊي اي محمد علي رنڌاوا موجب صبح 7 وڳي 20 منٽن تي ڌماڪي جي اطلاع ملي، هاڻي تائين 8 فوتگيون ٿي چڪيون آهن، جڏهن⁠ته 12 ماڻهو زخمي آهن۔ زخمين مان ڪنهن جي به جان کي خطرو ناهي۔
محمد علي رنڌاوا چيو ته ڌماڪو گيس ليڪيج سبب پيش آيو۔ سياري ۾ اهڙي قسم جا واقعا ٿيندا رهندا آهن، شهرين کان اپيل آهي ته رات جي وقت گيس استعمال نه ڪن۔
چيئرمين سي ڊي اي موجب هڪ زخمي کي برن سينٽر منتقل ڪيو ويو آهي، متاثر خاندانن سان گڏ آهيون ۽ متاثر خاندانن جي مدد ڪئي ويندي

پهنجو تبصرو موڪليو