ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جيڪڏهن توهان يوٽيوب ميوزڪ استعمال ڪندا آهيو ته اوهان لاءِ سٺي خبر اها آهي ته اوهان ڪو به پنهنجو پسنديده گاني جا ٻول ڳائي ان کي سرچ ڪري سگهو ٿا. گوگل هن فيچر تي ڪافي عرصي کان ڪم ڪري رهي هئي ۽ هاڻي اهو اينڊرائيڊ صارفين لاءِ متعارف ڪرايو پيو وڃي.ڪنهن به گاني جا ٻول جهونگارڻ سان گڏوگڏ ان جي ڌن وڄائي به گانو ڳولي سگهو ٿا. ان کي استعمال ڪرڻ لاءِ، ايپ کوليو ۽ مٿي ساڄي ڪنڊ تي ميگنيفائنگ گلاس آئڪن تي ڪلڪ ڪريو. هن آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ تي، مائڪروفون جي آئڪن جي اڳيان هڪ ويو فارم آئيڪون ظاهر ٿيندو. هن آئڪن تي ڪلڪ ڪري اوهين جيڪو گيت جهونگاريندا ان جا سڀ تفصيل اچي ويندا. هن فيچر لاءِ، گوگل مصنوعي ذهانت (AI) ٽيڪنالاجي استعمال ڪري رهيو آهي جيڪا اصل رڪارڊنگ سان گونجندڙ آواز کي ملائيندي. ڪمپني اڃا تائين هن فيچر کي آئي فون استعمال ڪندڙن لاءِ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ناهي ڪيو پر امڪان آهي ته اهي ان کي ويجهي مستقبل ۾ استعمال ڪري سگهندا.










