ممبئي (ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ اداڪارا ۽ ماڊل گرل گوهر خان پٽ کي جنم ڏنو آهي.گوهر خان انسٽاگرام تي هڪ پوسٽ شيئر ڪندي مداحن کي پٽ جي پيدائش جي خبر ڏني ۽ خوشي جو اظهار ڪندي الله جو شڪر ادا ڪيو.پوسٽ ۾ گوهر خان چيو ته هن 10 مئي 2023 تي پٽ کي جنم ڏنو آهي.ماڊل گرل پنهنجي پوسٽ ۾ لکيو ته ”اسان جي خوشين جو محور، توهان سڀني کي مبارڪون، 10 مئي 2023 تي پٽ جي پيدائش تي اسان کي احساس ٿيو ته اصل خوشي جو مطلب ڇا آهي.گوهر خان جي پوسٽ تي بالي ووڊ اداڪارن ۽ مداحن طرفان مبارڪن جو سلسلو جاري آهي.واضح رهي ته اداڪارا ۽ ماڊل گوهر خان 25 ڊسمبر 2020ع تي ممبئي ۾ ميوزڪ ڪمپوزر اسماعيل دلبر جي پٽ زيد دلبر سان شادي ڪئي هئي.










