پشاور(ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صوبائي اسيمبلي جي چونڊن جي تاريخ ڏيڻ لاءِ وڌيڪ هڪ هفتي جي مهلت گهري ورتي آهي.گورنر غلام علي سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي سربراهي ۾ جوڙيل ڪميٽي کي ٻڌايو ته هو ايندڙ هفتي اچي ملاقات ڪندو سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن گورنر ڪي پي ڪي تي واضح ڪيو ته هو چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جو پابند آهي، گورنر تاريخ ڏئي ته جيئن چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿي سگهن.ميڊيا سان ڳالهائيندي خيبرپختونخواهه جي گورنر چيو ته صوبي ۾ چونڊن جي تاريخ ڏيڻ عيد جو چنڊ ڏسڻ کان وڌيڪ مشڪل آهي.اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، قوم جلد چونڊن جي تاريخ بابت خوشخبري ٻڌائيندي.گورنر غلام علي چيو ته هو سومر يا اڱاري تي اليڪشن ڪميشن آفيس ويندو، اليڪشن ڪميشن سان ملاقات ۾ ڪنهن فيصلي تي پهچندو. هن چيو ته خيبرپختونخواهه جون چونڊون پنجاب کان مختلف آهن، صوبي ۾ امن امان جي صورتحال پنجاب کان مختلف آهي.هتي هڪ به ڏينهن حملي کان سواءِ نه گذريو آهي، اهڙو فيصلو ڪيو وڃي ته جيئن ماڻهو تڪليف ۾ نه اچن.










