لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي 8 رڪني صوبائي ڪابينا اڄ گورنر هائوس لاهور ۾ پهرين مرحلي ۾ پنهنجي عهدن جو حلف کڻي ورتو. پنجاب جي گورنر محمد بليغ الرحمان صوبائي وزيرن کان حلف ورتو جڏهن ته چيف سيڪريٽري پنجاب ڪامران علي افضل مقرري جو نوٽيفڪيشن پڙهي ٻڌايو. حلف کڻڻ وارن وزيرن ۾ رانا محمد اقبال، سردار اويس خان لغاري ۽ ملڪ محمد احمد خان شامل آهن. ان کان علاوه خواجه سلمان رفيق، سيد حسن مرتضيٰ، عطاءُ الله تارڙ، چوڌري بلال اصغر ۽ علي حيدر گيلاني به حلف کڻندڙن ۾ شامل آهن. ٻئي طرف حلف برداري تقريب ۾ موجود پنجاب جي وڏي وزير حمزا شهباز صوبائي وزيرن کي حلف کڻڻ تي مبارڪباد ڏني. ان موقعي تي حمزه شهباز جو چوڻ هو ته خدا جي واسطي عوام جي خدمت اسان جو مشن آهي، نئين جذبي سان اڳتي وڌنداسين جڏهن ته عوام جي مسئلن جو فوري حل اسان جي پهرين ۽ آخري ترجيح آهي.










