اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف گورنر سنڌ نهال هاشمي سان ملاقات ڪئي.گورنر سنڌ نهال هاشمي آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ بندي ۽ علائقائي امن لاءِ جاري ڪوششن تي وزيراعظم کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. گورنر سنڌ وزيراعظم کي سنڌ جي معاملن بابت آگاهه ڪيو.نهال هاشمي ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار سان پڻ ملاقات ڪئي، ۽ گورننس، اقتصادي ترقي ۽ عوامي ڀلائي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسحاق ڊار نهال هاشمي کي مبارڪباد ڏني ۽ ڪامياب دور لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.وفاقي حڪومت صوبن جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ مڪمل تعاون جاري رکڻ جي پنهنجي عزم کي ورجايو.










