خانپورمهر(رپورٽ:آفتاب سيال) گهوٽڪي ضلعي ۾ پ پ اڳواڻن ۾ اختلاف نبيرڻ نئون ديرو هائوس تي اجلاس. ضلعي گهوٽڪي سان واسطو رکندڙ مختلف اڳواڻن جي شرڪت. جيڪو به پارٽي اميدوار بيهاريندو ان کي ڪامياب ڪرائڻ سڀني جي ذميواري آهي. پارٽي پاران سمورن اڳواڻن کي هدايت ڪئي ذريعا. خبرموجب گهوٽڪي ضلعي ۾ پ پ اڳواڻن ۾ ضلعي ڪائونسل تعلق ڪائونسل. يوسيز چيئرمين. وائيس چيئرمين تي پنهنجا اميدوار بيهارڻ واري معاملي تان اختلافات نبيرڻ پ پ قيادت پاران گھوٽڪي ضلعي جو اجلاس,ايندڙ مڪاني چونڊن بابت حڪمت عملي جوڙي وئي. پ پ پ جي قيادت, گھوٽڪي جي چونڊيل نمائندن ۽عھديدارن کي بلاول ھائوس نئون ديرو ۾ گھرائي ورتو جنھن ۾ پ پ پ ليڊيز ونگ جي مرڪزي صدر ايم پي اي فريال ٽالپر,پ پ پ سنڌ جو صوبائي صدر نثار کھڙو, وزيراعلي’ سنڌ جو خاص معاون مير بنگل خان مھر ,سھيل انور سيال,خورشيد احمد جوڻيجو,سيد بچل شاھ,ايم اين اي مير خالد احمد خان لنڊ,پ پ پ اڳواڻ مير احسان خان سندراڻي, صوبائي وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو ,صوبائي وزير عبدالباري خان پتافي,ايم پي اي مير شھريار خان شر ,پ پ گھوٽڪي ضلعي جو صدر مير بابرعلي خان لنڊ, پ پ پ گھوٽڪي جو ضلعي جنرل سيڪريٽري سڪندر لاکو, پ پ پ گھوٽڪي تعلقي صدر مير حمزه خان سندراڻي ,پ پ پ خانڳڙھ جو تعلقي صدر سيد عبدالله شاھ,پ پ پ ميرپور ماٿيلي جو تعلقي صدر غلام نبي وسير,پ پ پ ڏھرڪي جو تعلقي صدر ميان عبدالرشيد,پ پ پ اوٻاوڙي تعلقي جو صدر مختيار دايو ۽ ٻيا شريڪ ٿيا.اجلاس ۾ گھوٽڪي ضلعي جي سياسي صورتحال سميت مختلف معاملن جو جائزو ورتو ويو ۽ اھو طئي ڪيو ويو ته پ پ پ سان لاڳاپيل سمورا اڳواڻ ۽ عھديدار ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ متفقه راء سان بيھاريل اميدوارن کي ڪامياب ڪرڻ لاء ڀرپور ڪوشش ڪندا. اجلاس ۾ چونڊن جي حڪمت عملي جوڙڻ سميت مختلف معاملن تي غور ويچار پڻ ڪيو ويو.پارٽي پاران سڀني اڳواڻن کي هدايت ڪئي وئي ته جيڪو به اميدوار پارٽي بيهارڻ جو فيصلو ڪندي ان کي ڪامياب ڪرائڻ سڀني جي ذميواري آهي.










