گهوٽڪي ۾ مبينا پوليس مقابلو، چنيوٽ جا 9 تٻلائي بازياب

گهوٽڪي ۾ مبينا پوليس مقابلو، چنيوٽ جا 9 تٻلائي بازياب

گهوٽڪي(رپورٽر)گهوٽڪي جي علائقي رونتي ڪچي ۾ مبينا پوليس مقابلي دوران 9 تٻلائين کي بازياب ڪرايو ويو.پوليس موجب يرغمالين کي 20 ڏينهن اڳ چنيوٽ مان شادي جي تقريب لاءِ گهرايو ويو هو، ڌاڙيلن يرغمالين کي زنجيرن سان جڪڙي ڇڏيو هو. پوليس موجب، ڌاڙيلن يرغمال ٿيلن جي وارثن کان هڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.بازياب ٿيل ماڻهن ڳالهائيندي چيو ته اغوا ڪندڙ کين زنجيرن ۾ جڪڙي تشدد ڪندا هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو