گهرو اڻبڻت تان 2 ڀائرن ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي

گهرو اڻبڻت تان 2 ڀائرن ۾ جهيڙو، هڪ قتل، ٻيو زخمي

سيٺارجا (سجاد علي ڪٻر) ڪنب ٿاڻي جي حد ننگريجه اسٽاپ وٽ ٻن ڀائرن ۾  گهرو اڻبڻت  تان جهيڙو، پسٽل جا فائر لڳڻ سبب ننڍو ڀاءُ شڪيل بروهي قتل ٿي ويو جڏهن ته سندس وڏو ڀاءُ غفور بروهي شديد زخمي  ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ گمبٽ اسپتال داخل ڪرايو ويو آهي جڏهن واقعي واري هنڌ تان پوليس پهچي لاش ڪنب اسپتال منتقل ڪيو. پوليس موجب فوتي جولاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جو ڪارڻ معلوم ناهي ٿي سگهيو وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو