مورو (ن س) ڳوٺ وارياسو ٽو ۾ گھرو اڻبڻت تان ڀاءُ حاجي ممتاز ابڙو پنھنجي شادي شدہ ڀيڻ دادلي زال حبيب الله عرف مرچو ابڙو کي بيدردي سان ڳلو ڪپي قتل ڪري ڇڏيو. جنھن جو اطلاع درس ٿاڻي جي پوليس کي ڏنو ويو جيڪا واقعي واري ھنڌ پھچي لاش تحويل ۾ وٺي مورو اسپتال ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندو . قتل ٿيل عورت جي پيءُ ۽ پوليس موجب قتل ٿيندڙ عورت پنهنجي ڀاءُ جي عيوضي ۾ ڏنل ھئي جنهن کي گھرو اڻبڻت سبب قتل ڪيو ويو عورت گذريل ڇھن مھينن کان والد وٽ رھندي ھئي ۽ ڀاءُ کيس ڌمڪيون ڏيندو رھندو ھو ته توکي قتل ڪندس اڄ رات دير دانھن ۽ ڪوڪن تي گهر جا ڀاتي اٿيا تيسيتائين قاتل ۽ بي رحم ڀاءُ قتل ڪري فرار ٿي ويو عورت جي پيء محمد پريل ابڙو وڌيڪ ٻڌايو ته مون سان وڏو ظلم ٿيو آھي منھنجي نياڻي کي ھڪ پٽ جو اولاد پڻ آھي اسان سان انصاف ڪيو وڃي ٻئي طرف پوليس پاران جوابدار جي گرفتاري لاء مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن.










