گمبٽ: ڪارنهن الزام هيٺ چاچي هٿان نوجوان ڀائٽي گوليون هڻي قتل

گمبٽ: ڪارنهن الزام هيٺ چاچي هٿان نوجوان ڀائٽي گوليون هڻي قتل

گمبٽ:(ن س) گمبٽ ڀرسان ستابو ۾ مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ چاچي نوجوان ڀائٽي کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو.گمبٽ ڀرسان بھارو ٿاڻي جي حد ستابو ۾ مبينا طور ڪارنهن جي الزام هيٺ 27 ورهين جي نوجوان عورت سيما ڌيءَ رجب باريجو کي سندس چاچي گل علي باريجو مبينا طور گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو آهي.واقعي جي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. پوليس موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جوابدار جي گرفتاري لاءِ به ڪوششون جاري آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو