گل پلازا يونين جو صدر ۽ ٻيا باهه لڳڻ جا ذميوار قرار

گل پلازا يونين جو صدر ۽ ٻيا باهه لڳڻ جا ذميوار قرار

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) پوليس سانحي گل پلازا ڪيس جي چالان ۾ پلازا يونين جي صدر تنوير پاستا ۽ ٻين کي باهه لڳڻ جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو. پراسڪيوشن کاتي جي ذريعن موجب، چالان ۾ جوابدارن يونين صدر تنوير پاستا، نائب صدر عمار اسماعيل، جنرل سيڪريٽري امين ۽ جوائنٽ سيڪريٽري محمد رمضان کي باهه لڳڻ جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف، پراسڪيوشن کاتي اعتراض لڳائي چالان واپس ڪري ڇڏيو آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 17 جنوري تي ڪراچي جي ايم اي جناح روڊ تي واقع مشهور شاپنگ سينٽر “گل پلازا” ۾ باهه لڳي هئي.

پهنجو تبصرو موڪليو